بنگلاديش ۾ شاگردن پاران سپريم ڪورٽ جو گهيرو،چيف جسٽس سميت 5 ججن جي استعيفيٰ

ڍاڪا (م ڊ ) شاگردن جي الٽيميٽم کانپوءِ بنگلاديش جي چيف جسٽس عبيدالحسن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب،  ڍاڪا ۾ سوين مظاهرين سپريم ڪورٽ جو گهيراءُ ڪيو هو ۽ احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ جو الٽيميٽم ڏنو هو. ميڊيا رپورٽس موجب، احتجاج ڪندڙن استعيفيٰ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ججن جي رهائش گاهن تي چڙهائي جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ بنگلاديشي چيف جسٽس ۽ پنج ججن پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. شاگردن قائم مقام چيف جسٽس اشفاق الاسلام جي مقرري به رد ڪندي هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سيد رفعت کي چيف جسٽس بڻائڻ جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو هوڏانهن بلوم برگ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بنگلاديش بئنڪ جي گورنر عبدالرئوف به گذريل ڏينهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي  هئي. ٻئي پاسي بنگلاديش جي ٻن شهرن گوپال گنج ۽ برگونا ۾ عوامي ليگ جي سوين ڪارڪنن اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي حمايت ۾ احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته شيخ حسينه کي عزت سان ملڪ واپس آندو وڃي، اڳواڻن چيو ته اسان جي اڳواڻ کي سازش ذريعي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، عوامي ليگ جي ڪارڪنن بنگلاديشي فوج جي ٻن گاڏين کي به باهه ڏئي ڇڏي، ان واقعي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.