اسلام آباد (م ڊ): گرينڊ اپوزيشن الائنس اليڪشن ايڪٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ ۽ 14 آگسٽ تي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ جمهوريت بابت سيمينار ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گرينڊ اپوزيشن الائنس جو اجلاس تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر علي، مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب، شبلي فراز، اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺي مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته 13 آگسٽ تي شاگرد ۽ نوجوان پاڪستاني جهنڊا کڻي نڪرندا، 14 آگسٽ تي آئين ۽ جمهوريت بابت سيمينار ٿي رهيا آهن. هن چيو ته بلاول ڀٽو ڪنفيوزن جو شڪار آهي ۽ هر طرف کان مزو وٺي رهيو آهي. هاڻي بلاول ڀٽو کي حڪومت جي ناڪامي نظر اچي ٿي ته هو وائڙو ٿي ويو آهي. هن چيو ته مسجد نبوي جي امام جي دوري دوران بدقسمتي سان بلاول غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ بلاول جي اتحادي حڪومت طرفان بجلي 2 رپيا 64 پئسا مهانگي ڪئي وئي. ان موقعي تي عمر ايوب پي ٽي آءِ جي علامتي بک هڙتالي ڪئمپ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. محمود خان اچڪزئي چيو ته هي پهريون اتحاد آهي، جيڪو ڪنهن جي به خلاف ناهي. آرمي چيف ۽ جج وڏا هوندا، الله انهن کي وڏو ڪري، پر اسان لاءِ وڏو پارليامنٽ ۽ پاڪستان آهي. محمود اچڪزئي چيو ته 14 آگسٽ تي حقيقي آزادي جي نالي تي هر صوبي ۾ دانشورن کي گڏ ڪنداسين. اهو ٻڌائينداسين ته اصلي آزادي ڇا آهي، ڇو ته اصل آزادي جون خوشيون عوام جي حوالي نه ڪيون ويون آهن، سڀني کي توبه ڪرڻ گهرجي. پاڪستان تڏهن آزاد ٿيندو، جڏهن سڀ هڪ گڏيل جدوجهد لاءِ اڳتي وڌندا. بئريسٽر گوهر چيو ته سپريم ڪورٽ جا فيصلا آئين ۽ قانون موجب آهن. ان جي فيصلن کي ختم ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي پئي وڃي، اسان جا 41 اسيمبلي ميمبر اليڪشن ايڪٽ جي قانون کي چئلينج ڪندا، محمود اچڪزئي جي پارٽي ۽ ٻيون پارٽيون به ان قانون سازي کي چئلينج ڪنديون. اسد قيصر چيو ته جڏهن فل ڪورٽ فيصلو ڏئي ته ڪهڙي حيثيت سان فيصلا تبديل ڪيا وڃن ٿا؟ اسان عدليه سان گڏ بيٺا آهيون.