اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته هڪ ادارو پارليامينٽ ۾ بار بار مداخلت ڪري رهيو آهي.ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ضروري آهي، پاڪستان ۾ جيتري نوجوانن ۾ صلاحيت آهي، جيتري محنت مزدورن وٽ آهي، هتي تمام گهڻا موقعا آهن، اسان وٽ سڀ ڪجهه موجود آهي، پر هن ملڪ جي تاريخ ڪجهه اهڙي آهي جو اسان کي هتي اسلام آباد ۾ ويهي ملڪي عوام جا مسئلا حل ڪرڻا هوندا آهن، پر هتي اچي سازشون شروع ڪري ڏيندا آهيون.هن چيو ته اڄ به ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، سياسي فرق آهي، ان جو مثال تاريخ ۾ نه ٿو ملي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان معاشي بحران، امن امان جي ور چڙهيل عوام جي مدد نٿا ڪريون. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي، پر ايوان ۾ به اتفاق نه ٿا ڪريون، ڏينهن رات هڪ ٻئي کي گاريون ڏئي رهيا آهيون، هڪ ٻئي کي چور ۽ غدار چئي رهيا آهيون، اسان کي ڪو رستو ڳولڻو پوندو. ويڙهه ڪجي پر سياست جي دائري ۾ رهي ڪجي.بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان جا سياسي ڪارڪن بنگلاديش جي صورتحال کي غور سان ڏسي رهيا آهن، سڀني ڏٺو ته عوامي احتجاج کي ڪير روڪي نه سگهيو ۽ ڪيئن حسينه واجد کي عهدو ڇڏڻو پيو ان ڪري اسان کي به سوچڻو پوندو ۽ عوامي مسئلن کي اوليت ڏيڻي پوندي.بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته هن وقت پاڪستان جون حالتون اهڙيون آهن جو ڪجهه شيون اوهان جي هٿن ۾ آهن ۽ ڪجهه نه، هن وقت جيڪو بحران آهي ۽ ادارن جي وچ ۾ فرق نظر اچي رهيو آهي اهو ان ڪري ٿي رهيو آهي جو هڪ ادارو هن اداري پارليامينٽ ۾ بار بار مداخلت ڪري رهيو آهي. عدليه جي تاريخ سڄي ملڪ جي سامهون آهي، ارشد نديم وانگر اسان جي عدليه به عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، عدليه ايتري قابل آهي جو نه رڳو عدالت کي هلائي سگهي ٿي پر ڊيم به ٺاهي سگهي ٿي.هن چيو ته عدالتون ايتريون ڪامياب ٿيون آهن جو اهي انصاف فراهم ڪن ٿيون، ڊيم به ٺاهين ٿيون ته مهانگائي جو مقابلو به ڪن ٿيون، اهي ته سموسن ۽ ٽماٽن جا اگهه به مقرر ڪري ٿيون ڇڏين، انهن جو ڪير به مقابلو نٿو ڪري سگهي، اسان وٽ ايڏا وڏا سانحه هئا، شهيد بينظير ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت، پاڪستانين جون پنهنجون شڪايتون انصاف جي انتظار ۾ آهن، اسان کي 3 ڏهاڪن تائين انصاف جو انتظار ڪرڻو پيو، آخرڪار عدليه ذوالفقار علي ڀٽي کي ايترو انصاف ڏنو ته ها ان کي صحيح انصاف نه ڏنو ويو ۽ هو چون ٿا ته ان حوالي سان اسان تاريخ کي درست ڪرڻ لاءِ ڪو واضح قدم نٿا کڻي سگهون.بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه اچي ٿي، جڏهن ٽماٽن ۽ سموسن جي قيمت مقرر ڪرڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته پوءِ آئين ۽ قانون جي خبر ناهي ڪيڏانهن وڃي ٿو، پر جڏهن انصاف جي ڳالهه اچي ٿي ته پوءِ آئين ۽ قانون کي لاڳو ڪرڻ اسان جي ملڪ ۾ رڪاوٽ بڻجي ويندو آهي، پاڪستان ۾ چانهه جي ڪپ ۾ طوفان کي مڪمل آئيني بحران بڻايو پيو وڃي ۽ ان جو ذميوار ايوان نه پر عدالت جو پيدا ڪيل بحران آهي.بلاول ڀٽو جي تقرير دوران مخالف ڌر گوڙ ڪيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ کان ڪو پڇي ته ڇا مون سندس بيٽ جي نشاني چوري ڪئي؟ ڇا مون چيو ته توهان جون چونڊون غلط آهن؟ عدالت چيو ته هنن چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي، جنهن سبب کين نشان نه ملندو يا اها پارٽي رهندي، ان فيصلي جا اليڪشن ۾ سياسي اثر پوندا.هن چيو ته هاڻي چيو پيو وڃي ته اصل ۾ اسان اهو نه چيو، اصل ۾ اهو آهي ته جيڪو هنن گهريو ئي نه هو جنهن جي آئين ۽ قانون ۾ ڪا گنجائش نه آهي، اسان اهڙو سياسي فيصلو ڏيئي ٿا ڇڏيون ته بس هنن ۾ ائين ئي سيٽون ورهائي ڇڏيو جيئن ٽافيون رهائيندا آهيون!.بلاول ڀٽو چيو ته جيستائين ملڪ آئين ۽ قانون موجب نه هلندو، جيستائين ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم نه ڪندا، تيستائين عوام جي اميدن موجب اڳتي نه وڌنداسين، جيستائين هتي جنهن مقصد لاءِ ويٺا آهيون ان تي عوامي اميدن تي پورا نه لهنداسين.