وزير اعظم ۽ وڏي وزير ۾ بجلي منصوبا ٿر ڪول تي منتقل ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) وزير اعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ سنڌ ۾ وفاقي حڪومت پاران شروع ڪيل مختلف منصوبن کي وقت سِر مڪمل ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڪوئلي تي هلندڙ بجلي جي سمورن منصوبن کي ٿر جي ڪوئلي تي تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ٻين وفاقي رٿائن کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت ڊونر ايجنسين جي سهڪار سان بي آر ٽي ريڊ لائين ۽ ييلو لائين منصوبن تي ڪم شروع ڪيو آهي. ريڊ لائين منصوبي تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي جڏهن ته ييلو لائين تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي پراجيڪٽ شروع ٿيڻ سان ڪراچي ۾ ٽريفڪ جا مسئلا حل ٿي ويندا. وزيراعظم وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت ڪي سي آر کي سي پيڪ جي ترجيحي منصوبي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چيني اختيارين سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي سي آر اهم آهي ۽ ان کي چين جي سهڪار سان جلد شروع ڪيو ويندو. شهباز شريف ۽ مراد علي شاهه وچ ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن سبب ملڪ جي عوام ۾ پريشانيءَ پکڙيل آهي. تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن ڪوئلي تي هلندڙ بجلي جي سمورن منصوبن کي ٿر جي ڪوئلي تي تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت ملڪ جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وڏي وزير مراد شاهه وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندس حڪومت غريب ماڻهن ۾ 2 لک سولر سسٽم ورهائيندي جيڪي آف گرڊ يا ماهوار 100 يونٽ استعمال ڪن ٿا ته جيئن اهي بجلي جي بلن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن. ملاقات ۾ ڪي فور منصوبي ۽ ٿر ڪول فيلڊ کان ڇور تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائڻ جي منصوبي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان کان اڳ وزيرعظم جو وزيراعليٰ هائوس پهچڻ تي وڏي وزير پنهنجي ٽيم چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ سان گڏ سندس ڀيلڪار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.