سکر (رپورٽ:آزاد مهر) ملڪ ۾ جاري برساتن کانپوءِ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿي وئي آهي، گڊو بئراج ۽ سکر وٽ هيٺين سطح جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، آبپاشي کاتي موجب ملڪ ۾ جاري برساتن سبب پاڻي وهڪرن ۾ چاڙھ اچي وئي آهي، سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌو درياهه ۾ گڊو ۽ سکر بئراجن وٽ پاڻي جي سطح ڪيترائي هزار ڪيوسڪ وڌي وئي آهي، ٻنهي وڏن بئراجن ۾ هيٺين سطح جي ٻوڏ واري صورتحال آهي، جڏهن ته هن وقت ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي صورتحال معمول تي آهي، ان ڏس ۾ ڪنٽرول روم سکر بئراج جي انچارج عبدالعزيز سومرو پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 73 هزار 737 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 54 هزار 884 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک هڪ هزار 50 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 73 هزار 250 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 54 هزار 718 ڪيوسڪ ۽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 15 هزار 703 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. گڊو ۽ سکر بئراجن تي پاڻي جي سطح ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ جيڪڏهن پاڻي جو وهڪرو اهڙي ئي ريت جاري رهيو ته هيٺاهين سطح واري ٻوڏ ٻنهي بئراجن تي وچولي سطح جي ٻوڏ هڪ ٻن ڏينهن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي.