ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪوڙن سفري دستاويزن تي پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻن مسافرن کي گرفتار ڪيو ويو. ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار وزٽ ويزا تي آفريقي ملڪ سينيگال وڃي رهيا هئا. جوابدارن جي سڃاڻپ محمد عديل ۽ مجاهد علي طور ٿي آهي. اميگريشن ڪليئرنس دوران جوابدارن جي پاسپورٽ تي يونان ۽ پاڪستان اچڻ جا جعلي اسٽام لڳل هئا. ترجمان وڌيڪ چيو ته جعلي سفري دستاويزن تي سفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو. جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
-
مسجد جي امام جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو مک جوابدار ايف آءِ اي انسپيڪٽر گرفتار
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي گلستان جوهر ۾ مسجد جي امام صوفي عبدالقيوم کي قتل ڪرائيندڙ ماسٽر مائينڊ ايف آءِ اي انسپيڪٽر کي ڏيڍ سال بعد گرفتار ڪيو ويو. سي ٽي ڊي جي جاچ کاتي گلستان جوهر ۾ ڪارروائي ڪندي قتل جي ماسٽر مائينڊ کي گرفتار ڪيو. ڊي ايس پي سي ٽي ڊي چوڌري صفدر چيو ته ايف آءِ اي انسپيڪٽر عتيق عالم ڏيڍ سال کان فرار هو. 21 فيبروري تي فجر جي نماز کانپوءِ گهر ويندڙ مسجد جي امام کي 2 جوابدارن فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. جوابدارن علي اڪبر ۽ تنوير کي گرفتار ڪيو ويو هو، عتيق عالم قتل لاءِ کين 5 لک رقم ڏني هئي. جوابدارن مولانا عبدالقيوم کي پلاٽ جي تڪرار تان قتل ڪيو هو. آءِ جي سنڌ جي حڪم تي جاچ سي ٽي ڊي ڏانهن منتقل ڪئي وئي هئي.