راولپنڊي ( م ڊ ) حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ٿيل معاهدي جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.حڪومت ۽ جماعت اسلامي جي وچ ۾ ٿيل معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته روينيو وڌائي ڪري پگهاردار طبقي تي ٽيڪس گهٽ ڪيو ويندو، بجلي جي بلن ۽ ٽيڪسن کي فوري طور تي گهٽ ڪيو ويندو، واپارين ۽ ايڪسپورٽرن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي ويندي. معاهدي موجب آءِ پي پيز جي معاهدن تي مڪمل نظرثاني ڪئي ويندي، آءِ پي پيز جي معاملي تي هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي ويندي جيڪا هڪ مهيني ۾ ڪم مڪمل ڪندي، آگسٽ جي بجلي جي بلن جي ادائيگي 15 ڏينهن تائين ملتوي ڪئي ويندي،ڪيپسٽي پيمنٽس جي ادائيگين جو تعلق بجلي جي في يونٽ جي گھٽتائي سان هوندو. معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته واپڊا چيئرمين، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ۽ ايف پي سي سي آءِ جا نمائندا ٽاسڪ فورس ۾ شامل هوندا جڏهن ته حڪومتي ٽاسڪ فورس جا پوائنٽس به معاهدي ۾ شامل آهن. معاهدي موجب ڪي اليڪٽرڪ فرانزڪ آڊٽ ڪرائيندي، سرڪاري سطح تي استعمال ٿيندڙ گاڏين کي 1300 سي سي تائين محدود ڪيو ويندو، حڪومت خوراڪ جي قيمتن ۽ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪندي. واضح رهي ته گذريل رات حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون هيون. هوڏانهن جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم چيو آهي ته حافظ نعيم چيو ته معاهدي تي عمل نه ٿيو ته نتيجا 45 ڏينهن ۾ نظر ايندا، جيڪڏهن ان تي عمل نه ٿيو ته ڌرڻو ٻيهر شروع ٿيندو.