صدر پاران گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي هلال امتياز نوازيو ويندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري قومي ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ شاندار ڪارڪردگي ذريعي پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي هلال امتياز ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
صدر ارشد نديم کي راند جي ميدان ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب دوران سول ايوارڊ سان نوزيندو.
صدر جي هدايت تي ايوانِ صدر طرفان ارشد نديم کي سول ايوارڊ عطا ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڊويزن کي خط لکيو ويو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته ارشد نديم بهترين ڪارڪردگي ذريعي راند جي ميدان ۾ قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي، قومي ايٿيليٽ جي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻي.
خط موجب، ارشد نديم ايٿيليٽڪس جي ميدان ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو، صدر آئين جي آرٽيڪل 259 ٻه تحت ارشد نديم کي سول ايوارڊ ڏيندو .
صدر آئين تحت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيندڙ پاڪستاني شهرين کي سول ايوارڊ ڏئي سگهي ٿو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.