مهانگائي ۾ واڌ، دالين ۽ ايل پي جي سميت 23 شيون مهانگيون

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ هلندڙ هفتي مهانگائي جي شرح ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان شماريات واري اداري پاران  جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ هفتي مهانگائي جي شرح ۾ 0.30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 17.96 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي.شماريات اداري موجب هڪ هفتي دوران 23 شين جي اگهن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، 7 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 21 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.انگن اکرن موجب هڪ هفتي دوران بصرن جي اگهه ۾ 32.23 سيڪڙو، بيدن جي اگهن ۾ 4.28 سيڪڙو، ٿوم جي اگهن ۾ 3.23 سيڪڙو ۽  ايل پي جي اگهن ۾ 1.73 سيڪڙو اضافو ٿيو.شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران دال ماش 0.97 سيڪڙو، دال مونگ 0.83 سيڪڙو ۽ آلو 0.70 سيڪڙو مهانگو ٿي ويو، جڏهن ته هڪ هفتي دوران ٽماٽي جي قيمت ۾ 19.12 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.انگن اکرن موجب، ڪيلا 1.55 سيڪڙو ۽ اٽو 1.39 سيڪڙو سستو ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.