اندروني قرضن ۾ 40 کرب ۽ پرڏيهي قرضن ۾ 21 کربن جي واڌ

اسلام آباد(م ڊ)  ناڻي واري وزارت 2008ع کان 2024ع تائين ورتل قرضن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا، ناڻي واري  وزارت موجب جون 2008ع ۾ حڪومتي قرض 6.1 کرب هو، جيڪو 2024ع ۾ 67.5 کرب رپين تائين پهچي ويو، جڏهن ته جون 2008ع ۾ اندروني قرض 3.3 کرب ۽ پرڏيهي قرض 2.9 کرب هو، جون 2024ع ۾ اندروني قرض 43.4 کرب ۽ پرڏيهي قرض 24.1 کرب رپيا هو، ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل تفصيلن موجب اندروني قرضن ۾ 40.2 کرب ۽ پرڏيهي قرضن ۾ 21.3 کرب جو اضافو ٿيو آهي، 16 سالن ۾ قرضن ۾ ابتدائي خساري سبب 10.2 کرب رپين جو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته 16 سالن ۾ قرضن ۾ وياج سبب 32.3 کرب رپين جو اصافو ٿيو.ناڻي واري وزارت چيو ته 16 سالن ۾ قرضن ۽ ٻين مسئلن سبب  جي ڪري 18.9 کرب رپين جو اضافو ٿيو، 2008 ۾ حڪومتي قرض 6.1 کرب ۽ 2013 ۾ 12.7 کرب رپيا هو، جيڪو 2018 ۾ وڌي 25 کرب ٿي ويو. 2019ع ۾ حڪومت جو قرض 32.7 ارب  هو جيڪو 2022 ۾ 49 کرب رپيا هو، جڏهن ته 2023ع ۾ سرڪاري قرض 62.9 کرب رپيا هو.ناڻي واري وزارت موجب 2019ع ۾ قرضن ۾ اضافو 7.8 کرب، 2022ع ۾ 9.4 کرب ۽ 2023ع ۾ 13.6 کرب رپيا هو، جڏهن ته مارچ 2024ع ۾ قومي قرض 67.5 کرب رپيا هو.ان کان سواءِ 2021ع ۾ وياج 2.8 کرب ، 2022 ۾3.2 کرب ، 2023 ۾ 5.7 کرب ۽ مارچ 2024 تائين 5.5 کرب رپيا آهي..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.