ملڪ ۾ ڪنٽرول چونڊون ٿيون، حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن:زين شاهه

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪنٽرول چونڊون ٿيون  جنهن ڪري پاڪستان جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن، هن ڀيري سنڌ کان وڌيڪ پنجاب مان طاقتور ردعمل آيو آهي، سڄي دنيا پاڪستان ۾ ٿيل چونڊن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي ته پوءِ اهڙي قسم جون چونڊون ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي شهر جي مقامي شادي هال ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي بهتري صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ آهي ان لاءِ اسين ڪنهن جو به ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته ڊسمبر سال 2022ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو ويو ته صوبائي وسيلن ۽ ٻين معاملن بابت صرف وفاق ئي فيصلو ڪري سگهي ٿو ۽ هڪ ئي وقت ۾ سنڌ جي مستقبل تي وار ڪري سنڌ جون زمينون، سامونڊي ٻيٽ، معدني وسيلا ۽ ادارن تي قبضو ڪيو ويو آهي، سنڌ جا وسيلا وڪڻي زرداري سنڌ حڪومت حاصل ڪئي، انتظار ڪري رهيا آهيون ته حالتون ٺيڪ ٿين. هن چيو ته سنڌ جا حڪمران، سينيٽرز سڀ ٺيڪيداري جو ڪردار ادا ڪري ڀاڱي ڀائيوار آهن، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن سندن جا ڪارا ڪرتوت لڪائڻ جو لڪائڻ وارو ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته اسان عوام جي حقن لاءِ سياست ڪري رهيا آهيون، ملڪ کي بهتر ڪرڻ ۽ عوام جي حقن لاءِ نڪتا آهيون، وطن جي بربادي تي چپ ڪري نه ويهنداسين، سنڌ جا حڪمران پاڻ خود غرض ۽ لالچي بڻجي ويا آهن، تيزي سان وسيلا تباهه ٿي رهيا آهن  جنهن ۾ سنڌ جا حڪمران سنڌ جي مستقبل کي تباهه ڪري رهيا آهن. ورڪرز اجلاس ۾ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻن روشن ٻرڙو، جڳديش آهوجا، روشن ڪلهوڙو، منظور شيخ، ڊاڪٽر مظهر مغل، محمود ڀٽو سميت ضلعي لاڙڪاڻي جي مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس يو پي ضلعي جنرل سيڪريٽري منظور شيخ سالياني تنظيمي ورڪرز رپورٽ پڻ پيش ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.