جنرل ۽ ڪامورا ملڪ هلائين پيا، غلاميءَ جي زنجير ٽوڙيو: چيف جسٽس

اسلام آباد)م ڊ) سپريم ڪورٽ وائلڊ لائيف بورڊ جي چيئرپرسن رعنا سعيد کي برطرف ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، وائلڊ لائيف بورڊ کي گهرو وزارت جي ماتحت آڻڻ واري نوٽيفڪيشن تي به عمل روڪي ڇڏيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته جنرلن ۽ بيوروڪريٽس ملڪي نظام سنڀالي ورتو آهي، اٽارني جنرل کي ڪا خبر ئي ناهي.سپريم ڪورٽ ۾ مارگلا نيشنل پارڪ ۾ ڪمرشل سرگرمين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ ڪابينا سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ اٽارني جنرل کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ خانگي ريسٽورنٽ مونال جي مالڪ لقمان علي افضل کي به طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ معاملي جو وزيراعظم کي نوٽيس وٺڻ جي هدايت ڪئي.عدالت کي ٻڌايو ويو ته وائلڊ لائيف بورڊ جي چيئرپرسن کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، عدالتي حڪم بعد جهنگلي جيوت کاتي کي گهرو وزارت جي ماتحت ڪيو ويو آهي.چيف جسٽس چيو ته گهرو وزارت جو ڪم امن امان جو معاملو ڏسڻ آهي، قومي اثاثن جي حفاظت لاءِ عدالت جي حڪم جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي وئي، حڪومتي عمل سان عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، خانگي هوٽل جو مالڪ ڪابينا سيڪريٽري جو ڇا ٿو ٿئي؟ ڇا ڪابينا سيڪريٽري پرائيويٽ هوٽل مالڪ جو ڀاءُ ناهي؟  ڪابينا سيڪريٽري وائلڊ لائيف بورڊ جي چيئرمين کي هٽائڻ جي سمري وزيراعظم کان منظوري ڪرائي.عدالت اٽارني جنرل، ڪابينا سيڪريٽري ۽ خانگي هوٽل جي مالڪ کي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي وقفو ڪيو ته ان دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت ۾ پهچي ويو. عدالت ڪابينا سيڪريٽري بابت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڪابينا سيڪريٽري کي فوري طور تي ڪابينا اجلاس مان ٻاهر ڪڍي عدالت ۾ آندو وڃي، اٽارني جنرل صاحب اڄ اهم فيصلو ڪرڻو آهي.ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ مارگلا هلز نيشنل پارڪ کي گهرو وزارت ڏانهن منتقلي تي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.اٽارني جنرل رعنا سعيد جي برطرفي ۽ نيشنل پارڪ جي منتقلي جو معاملو وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي، اٽارني جنرل جي خاطري تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.چيف جسٽس چيو ته جنرلن ۽ بيوروڪريٽس ملڪ جو نظام سنڀالي ورتو آهي، اٽارني جنرل صاحب توهان کي خبر ناهي ته ڇا پيو ٿئي؟ ٻڌڻي دوران ڪابينا سيڪريٽري طرفان وزيراعظم کي صاحب چوڻ تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ان کي وزيراعظم چئو يا شهباز شريف صاحب چئو؟ انگريزيءَ ۾ ”وزيراعظم صاحب“ ڪو لفظ ئي ناهي، غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙيو، وزيراعظم صاحب ناهي ٿيندو، جيڪڏهن شهباز شريف صاحب چئو ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي.ڪابينا سيڪريٽري ڪامران افضل چيو ته نيشنل پارڪ کي گهرو وزارت حوالي ڪرڻ جي سمري مون نه موڪلي هئي، وزيراعظم پاڻ آرڊر جاري ڪيو جيڪو مون وٽ پهتو.چيف جسٽس چيو ته توهان وزيراعظم کي نه ٻڌايو ته اهو ضابطن جي خلاف آهي؟ موسمياتي تبديلي واري سيڪريٽري چيو ته عدالتن کي عدالتي نظرثاني جو اختيار حاصل آهي ان کان وڌيڪ ڪجهه نه چونداسين.ان بعد وائلڊ لائيف بورڊ مئنيجمينٽ آفيس ۽ چيئرپرسن جي تبديلي بابت ٻڌڻي ٿي. اٽارني جنرل وائلڊ لائيف بورڊ کي گهرو وزارت جي ماتحت ڪرڻ جو عمل روڪڻ جو يقين ڏياريو. اٽارني جنرل وائلڊ لائيف بورڊ جي چيئرپرسن کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي به خاطري ڪرائي.سپريم ڪورٽ وائلڊ لائيف بورڊ جي چيئرپرسن رعنا سعيد جي برطرفي واري فيصلي کي روڪي ڇڏيو. وائلڊ لائيف بورڊ کي گهرو وزارت جي ماتحت آڻڻ جي نوٽيفڪيشن تي عمل به روڪيو ويو. اٽارني جنرل چيو ته اڱاري تي ڪابينا جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ هو معاملو وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻيندو.سپريم ڪورٽ وزيراعظم کي نوٽيس وٺڻ جي هدايت ڪندي پائن سٽي بابت تفصيل طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.