آرمي چيف جي بيان جو مقصد مذهبي اقليتون برابر جا شهري ناهن\ايڇ آر سي پي

لاهور( م ڊ) ايڇ آر سي پي آرمي چيف جي تازي بيان تي سخت اعتراضن جو اظهار ڪيو آهي ، جنهن ۾ آرمي چيف چيو ته آئين کي نه مڃڻ وارن کي پاڪستان جو شهري نه سمجهيو ويندو، هن اهو به چيو  ته شريعت کي نه مڃيندڙن کي به شهري نه سمجهيو ويندو. انساني حقن جي تنظيم چيو ته آرمي چيف جو بيان غير ذميواراڻو هو ڇاڪاڻ ته ان جو مطلب اهو هو ته پاڪستان جون مذهبي اقليتون – جن جي پنهنجي عقيدي جي مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو حق آئين طرفان محفوظ آهي – برابري جي شهريت جا حقدار نه آهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته اهو بيان اقليتن جي قومي ڏينهن کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڏنو ويو، جيڪو قائداعظم جي 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقرير جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن ۾ هن سڀني اقليتن لاءِ برابري جي شهريت جو تصور ڏنو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.