ڪراچي (پ ر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي سنڌ ڪاميٽي جي ميمبرن سان ملاقات دوران وفاقي اطلاعات سيڪريٽري عنبرين جان چيو ته ميڊيا جي آزادي جمهوري معاشي لاءِ اڻٽر آهي، مان ميڊيا کي پنهنجي فيملي سمجهان ٿي. پاڪستان ۾ پريس جي آزادي ۽ تحفظ لاءِ سي پي اين اي جي تاريخي خدمتن جي ساراهه ڪريان ٿي. هن ميڊيا کي پيش ايندڙ مسئلا غور سان ٻڌڻ کانپوءِ انهن کي جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته مون کي ميڊيا جي خدمت لاءِ ذميواري ڏني وئي آهي، ڪوشش ڪنديس ته اخبارن ۽ رسالن جا مسئلا حل ڪري سگهجن. ان کان اڳ سي پي اين اي سنڌ ڪاميٽي جي چيئرمين عامر محمود ۽ ٻين ميمبرن وفاقي اطلاعات سيڪريٽري کي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ اخبارن جي اشتهارن جي اگهن ۾ 35 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي هئي جيڪا اڃا لاڳو ناهي ٿي سگهي. جنهن تي هن چيو ته واقعي اوهان سان مالي مسئلا آهن پر حڪومت سان به مالي مسئلا آهن، ان لاءِ ٻنهي کي سهڪار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪنديس ته اخبارن جي اشتهارن جي ادائيگي، اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ ٿي سگهي، ريجنل اخبارن، اي بي سي ۽ رجسٽريشن جي معاملن کي بهتر ڪري سگهجي. ان موقعي تي سي پي اين اي حڪومت ۽ ڪائونسل وچ ۾ رابطي لاءِ هڪ ڊيسڪ ٺاهڻ جي تجويز ڏني ته جيئن اخبارن ۽ رسالن کي پيش ايندڙ مسئلن کان حڪومت وقت سر آگاهه رهي. اجلاس جي پڄاڻي تي چيئرمين عامر محمود مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ وفاقي اطلاعات سيڪريٽري عنبرين جان کي سي پي اين اي طرفان شيلڊ ۽ اجرڪ پيش ڪيو. ان موقعي تي سينيئر نائب صدر انور ساجدي، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل غلام نبي چانڊيو، ڊپٽي چيئرمين سنڌ ڪاميٽي فقير منٺار مڱريو، فنانس سيڪريٽري حامد حسين عابدي، جوائنٽ سيڪريٽري عارف بلوچ ۽ منزا سهام سميت سينيئر ميمبر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، قاضي اسد عابد، مقصود يوسفي، عبدالسميع مڱريو، سيد حسن عباس، سردار محمد سراج، علي حمزا افغان، شير محمد کهاوڙ، نصرت مرزا، سلمان قريشي، مظفر اعجاز، شاهد ساٽي، محمد سعيد شاهه، سيد مدثر بخاري، سليم شيخ، عاطف شيخ، اياز علي ميمڻ، عمران ڪورائي، نسيم شيخ ۽ فراز احمد چانڊيو موجود هئا.