ڪراچي ( رپورٽر ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي تبديلي واري خبر کي افواهه قرار ڏئي ڇڏيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته هو وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ هو، گورنر سنڌ جي تبديلي بابت کيس ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو.خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت اهڙو فيصلو ڪري ها ته اسان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ها، اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو، اهي رڳو افواهون آهن، هن اهو به چيو ته جيڪڏهن اهڙا فيصلا ٿيا ته ايم ڪيو ايم جي قيادت ويهندي ۽ اسان پنهنجو فيصلو ۽ ايڪشن پلان ڪنداسين، ان حوالي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته سنڌ جي گورنر جي تبديلي جو معاملو ڪنهن به سطح تي غور هيٺ ناهي، وفاق هن وقت تائين اسان سان رابطو ناهي ڪيو، ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ سنڌ جي گورنر جي تبديلي واري معاملي تي اتفاق ٿي ويو آهي.