گورنر ڪامران ٽسوري کي هٽائڻ جا امڪان، بشير ميمڻ جو نالو گردش ۾

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نئين گورنر جو نالو به سامهون اچي ويو  آهي، ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ سنڌ جي گورنر جي تبديلي تي اتفاق ٿي ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪامران ٽسوري جي جاءِ تي ن ليگ اڳواڻ بشير ميمڻ کي سنڌ جو گورنر بڻائڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ جي گورنر جي تبديلي جو امڪان آهي، ٻي پاسي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سنڌ جي گورنر جي تبديلي بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. سندس چيو آهي ته گورنر سنڌ جي تبديلي جون خبرون من گهڙت ۽ غلط آهن.ياد رهي ته ڪجهه هفتا اڳ سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني به سنڌ ۾ گورنر جي تبديلي جو اشارو ڏنو هو ۽ چيو هو ته جيڪڏهن ن ليگ سنڌ ۾ گورنر نه لڳايو ته پيپلز پارٽي گورنر جو نالو ڏيندي.پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته هو چاهين ٿا ته سنڌ جو گورنر پيپلز پارٽي جو هجي پر مسلم ليگ ن جو چوڻ هو ته گورنر سندس پارٽي جو هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.