فيصلا رڳو سفارشون يا ايڊوائيزي ناهن، عمل يقيني بڻايو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ نيشنل بئنڪ جي 11 هزار پينشنرز  بابت عدالتي ڪارروائي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي فيصلي تي عمل ڪرڻ کانسواءِ فردن يا تنظيمن وٽ ڪو به رستو ناهي.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي، فيصلن کي نظرانداز ڪرڻ يا ان تي عملدرآمد ۾ دير ڪرڻ آئيني ڍانچي کي چيلينج ڪرڻ جي برابر آهي.عدالت جو چوڻ آهي ته جمهوريت ۾ قانون جي حڪمراني نه رڳو هڪ اصول آهي پر ان جو بنياد آهي جنهن تي حڪمراني جي قانوني حيثيت رکي ٿي. سپريم ڪورٽ کي بطور اپيڪس ڪورٽ آئين جي تشريح، انصاف فراهم ڪرڻ ۽ آئين تي عمل ڪرائڻ جو اختيار حاصل آهي، سپريم ڪورٽ جا فيصلا رڳو سفارشون يا ايڊوائيزي ناهن.سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل بئنڪ جي 11 هزار پينشنرز بابت فيصلي تي عملدرآمد لاءِ سينيئر آفيسر کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو وڃي ۽ فوڪل پرسن پينشنرن جي مڪمل ادائيگي کي يقيني بڻائي ۽ عملدرآمد رپورٽ پيش ڪري. لکت واري حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عدالتي فيصلن تي عملدرآمد رڳو رسمي ناهي پر آئين جي منشا آهي، عدالتي فيصلن تي عملدرآمد عدالتي نظام تي عوام جو اعتماد برقرار رکڻ جي برابر آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.