اسلام آباد (معظم فخر) اظهر مشواني جي ڀائرن جي گمشدگي بابت درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي تبصرو ڪندي ويلاگر چيو آهي ته ٻڌڻي دوران جسٽس گل حسن اورنگزيب جا ريمارڪس ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهن ته عدليه رياست تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ۽ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي، پاڪستان ۾ سليڪٽو جسٽس جو نظام مضبوط ٿي ويو آهي. اظهر مشواني لنڊن ۾ آهي، کيس هڪ فون اچڻ تي درخواست لاهور مان کڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي ۽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي، واٽس ايپ جا اسڪرين شاٽ ڏيکارڻ تي درخواست منظور ٿي وئي. هن تبصرو ڪيو ته عدالت سڀ اصول ضابطا ۽ قانون نظرانداز ڪري ٿي. عدالتي نظام رياست کي ڀڙڪائي رهيو آهي ۽ جواب چاهي ٿو ته هو عملي طور تي سامهون اچن.