قوم پرست اڳواڻ شهيد بشير خان قريشي جي جيون ۾ جهاتي

تحرير: ديدار شام

10آگسٽ سنڌ جي سورھيه ۽ بهادر پٽ شهيد بشير خان قريشي جي 65هين سالگرھ جو ڏينهن آهي، جنهن تي سڄي سنڌ کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪري ڪندي آهي، سندس آخري آرام گاھ تي هزارين ماڻهو اچي کيس سلام پيش ڪندا آهن،سنڌ وطن جي مٽيءَ مان ڳوهجي رتيديري جي جيجل ماءُ “غلام صغران ” جي ڪُک مان جنم وٺندڙ بشير احمد قريشي پنهنجي زندگيءَ جي پهرين دؤر جي ٻالڪ پڻي جا ڏينهڙا، رتيديري جي مٽي هاڻن گهٽين، رستن پيچرن ۽ دڳن تي راندون ڪندي گذاري ٿو۔ ۽ جواني جي جوڀن ۾ داخل ٿو ٿئي ته پنهنجي ڳوٺ رتيديري  کان تعليم پرائڻ لاءِ ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۾ اچي پڙهائي شروع ڪري ٿو. پاڻ هن جوڀن جواني جي ڏينهن ۾ ئي جڏهن سن جي سيد سائين جي ايم سيد جي شهر سن پهچي ٿو ته سيد جي شفقت، محبت، پيار ۽ مهمان نوازي ڏسي سيد جي پيرن ۽ هٿن تي چمي ڏئي سيد جو عشق ڏسي ۽ سمجهي پاڻ به سنڌ وطن تان قربان ٿيڻ جو عزم ڪري سيد جي نظريي تحت سنڌ  لاءِ جدوجهد جي اڙانگي پنڌ ۾ هلي پئي ٿو.

ٿوري وقت ۾ ئي شهيد بشير خان قريشي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي “پيغام ” جي لاءِ سچي سرواڻ ۽ سپاهي جي اميد تي پورو لهڻ لڳو. تنهن ڪري ئي سائين جي ايم سيد چيو ته هي سچو ديشي پڪو ديشي بشير قريشي بشير قريشي آهي. ائين ئي سن جي سائين، بشير احمد قريشي کي بشير خان قريشي بڻائي ڇڏيو.

هاڻ بشير خان قريشي رات ڏينهن هڪ ڪري ”تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي ” لطيف جي هن لازوال سٽ تي عمل ڪندي سيد جي فڪر کي کڻي جهر جهنگ ڪاهي پيو. ڪراچي کان وٺي ڪيٽي بندر، ڪيٽي بندر کان ڪارونجهر ۽ ڪشمور تائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، واهڻ، وستي، شهر ۽ ٻهراڙيءَ تائين وڃي پنهنجي رهبر جي فڪر جي پرچار ڪئي۔ سنڌ جي مسئلن پوءِ اهو ڌاري آبادڪاري جو مسئلو  هجي، آدمشماري جو مسئلو هجي، سنڌ ۾ ڇانوڻين اڏڻ جو مسئلو هجي، سنڌ جي وسيلن ڪوئلو، تيل، گيس، نوڪري يا شهرن تي قبضي جو مسئلو هجي، سنڌو درياهه تي ڊئم ٺاهڻ جو مسئلو هجي، ذولفقارآباد اڏڻ جو مسئلو هجي، ڏيگي ۽ ڀنڍار ٻيٽن جي نيلامي جو مسئلو هجي.

هي سنڌ جو سورمو دودي جي للڪار بڻجي، جدوجهد جو ميدان سينگاريندو رهيو۔ ۽ تاريخي احتجاج ڪندي روڊن رستن تي هزارين سنڌي ماڻهن جا ڌرڻا هڻي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ نٽهڻ اُس ۾ ويهي رهيندو هو۔ ڌرڻن ۾ شريڪ ماڻهن کي پنهنجي عمل ۽ خطاب ۾ ٻڌائيندو هو ته پنهنجي دشمن کي سڃاڻو جيڪو سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ڏاڍ جي بنياد تي غلام رکيون ويٺو آهي۔ انهن ماڻهن کي سنڌ جي دشمن خلاف ذهن ۾ نفرت پيدا ڪرائي سنڌ ڌرتي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي اپيل ڪندو هو۔ سندس ان ڌرڻن جي جدوجهد تي لکبو ته ڪيترائي ڪتاب لکجي سگهجن ٿا.

شهيد جي ان سياسي جدوجهد جي انداز کي سنڌ قبول ڪيو جو اڄ ماڻهو کي بجلي ناهي تڏهين به روڊن تي ڌرڻا، جي پاڻي ناهي تڏهين به ڌرڻا، مطلب ته هر نا انصافي تي ڌرڻا هنيا وڃن ٿا، اهو شهيد بشير خان ڏي ئي ڪريڊٽ وڃي ٿو جنهن سنڌي ماڻهو کي پنهنجا حق ڇني وٺڻن سيکاريو ۽ ان ڌرڻن جي جدوجهد سبب  شهيد بشير خان قريشيءَ کي سڄي سنڌ ۾ قومي سرواڻ طور سڃاڻپ ملي۔ شهيد بشير خان قريشي جي جدوجهد ۽ شخصيت جو هي پڻ لازوال حصو رهيو آهي۔ قبيلائي تڪرار ذات ۽ پات جي خوني تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاءِ هي سنڌ جو سورمو وڏو سنجيده هوندو هو۔ هي شخص پاڻ سان گڏ منٿ ميڙ قافلي ۾ پاڪ ڪتاب، شاھ جو رسالو، سيد ، نياڻيون ۽ درگاهن جا گادي نشين ، ساڻ ڪري جھڙيندڙ ڌرين ڏانهن هلي ويندو هو تـ ڪا بـ ڌر کيس عزت ڏيڻ کان سواءِ نـ موٽائيندي هُئي سندس ميڙ کي مان ڏئي ڌريو کيس ئي پنهنجو امين مقرر ڪري ڇڏينديو هُيون، ائين اٽڪل شهيد، 300 سئو کان وڌيڪ خوني جھيڙن جو نڀيرو ڪرائي چڪو هو. شهيد سنڌي ماڻهن جي خوشي ۽ غمي ۾ شرڪت کي به وڏي اهميت ڏيندو هو سندس اهڙي ڪردار ۽ عمل جي ڪري سنڌ ۾  تمام گهڻي کيس پذيرائي ملي۔ سنڌي ماڻهن جي ان ملندڙ موٽ، پيار، محبت ۽ عزت کي ڏسي شهيد، “نظريي جي ايم سيد” لاء ڪو تاريخي ڪم ڪرڻ گهريو پئي۔ اهڙو ارادو ڪري پاڻ 2009 ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد پنهنجي ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جي “ڄامائي يار” آصف بالادي سان ملاقات ڪري ڪچهري دوران ڪراچي اندر لکين ماڻهو گڏ ڪرڻ جي آئيديا تي غور ڪرڻ بعد 7 نومبر 2009 تي لکين ماڻهن جي “فريڊم مارچ” جو اعلان ڪيو جنهن ۾ واقعي ئي لکين ماڻهو شامل ٿيا۔ شهيد جي چواڻي ته “ڪي ماڻهو چون ٿا مارچ ۾ 11 لک ماڻهو هيا ته ڪي چون ٿا ته 9 لک هيا ته ڪي وري 7 لک چون ٿا، پر هئاسين تـ لکن ۾ ”۔

7 نومبر 2009 جو “فريڊم مارچ” جيئي سنڌ جي تاريخ جو وڏو مارچ هيو، جنهن جو اعزاز شهيدِ سنڌ بشير خان قريشي ڏانهن وڃي ٿو۔ ان مارچ جي ڪاميابي کانپوءِ هن جي پارٽي جسقم کي منتشر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي روپ ۾  جلد ئي عمل ۾ آڻي ڏيکاريو۔ پر شهيد پنهنجي جدوجهد کي جاري رکيو پارٽي ٽوڙڻ واري دشمن جي ڌڪ کان ٽن سالن کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر 23 مارچ 2012 تي ڪراچيءَ ۾ ساڳي هنڌ لکين ماڻهن جي “فريڊم مارچ” جو اعلان ڪيو۔ ته وري شهيد جي ان سڏ کي نظر ۾ رکي هڪ دفعو ٻيهر سنڌي ماڻهن جي طاقت کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ لاءِ ساڳي ئي مارچ مهيني ۾ 18 مارچ تي  “ملين مارچ” جو اعلان ڪرايو۔ شهيد بشير خان قريشي ساڳي مهيني ۾ ٻن “فريڊم مارچ” جي سڏ تي طاقت ورهائجڻ جي تاثر ۽ پروپيگنڊا کي ختم ڪرڻ لاءِ فراخ دلي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي “ڄامائي” يار آصف بالادي جي اڳوڻيءَ ۾ ملين مارچ ڪندڙن ڏانهن وفد موڪليو ته اچو ته گڏجي هڪ ڏينهن تي “فريڊم مارچ“ ڪيون۔ پر ملين مارچ وارا گڏجي مارچ ڪرڻ تي راضي نه ٿيا ۽ پنهنجي ايجنڊا تي عمل پيرا رهيا۔ شهيد جي وفد کي موٽ نه ڏيڻ جي ردعمل ۾ تاريخ کين وائکو ڪري ڇڏيو۔ جڏهن 18 مارچ تي سندن ملين مارچ ۾ هڪ صحافي دوست جي چواڻي ته 2500 سئو ماڻهو به نه هيا۔ جڏهن ته 23 مارچ تي 30 لکن کان وڌيڪ سنڌي ماڻهن جو سمنڊ سنڌ جي تاريخي تخت گاھ ڪراچي ۾ اچي گڏ ٿيو هو جيڪا شهيد جي تمام وڏي ڪاميابي آهي۔ جنهن سبب چوڏهن ڏينهن ۾ کيس قتل ڪرڻ جو پلان جڙيو۔ ۽ سنڌ جي بهادر پٽ ۽ ڪلچرلي طور تي صوفي انسان شهيد بشير خان قريشي کي 7 اپريل جي رات جيڪا چوڏهين جي چنڊ جي چانڊوڪي ۾ ٻهڪي رهي هئي ان چانڊوڪي رات ۾ ان مانجهي مڙس کي فطرتي موت ڏيڻ جي سازش جوڙي سقرات جيان زهر جو پيالو پياري قتل ڪري ڇڏيو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.