هلندڙ سال جڏهن ملڪ اندر نيون چونڊون پئي ٿيون ته اقتداري ڌرين جي پارٽين اهو منشور ڏنو هو ته اسين اقتدار ۾ اچي ملڪ مان مهانگائي جو خاتمو آڻينداسين ائين وقت گذرندو رهيو نيٺ اٺ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ملڪ اندر اليڪشن ٿي جنهن ۾ هر پارٽي جزوي طور سيٽون کٽيون ته پ پ ۽ ن ليگ کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو جيڪي هن وقت ملڪ جون واڳون سنڀالي ويٺل آهن پر انهن ٻنهي پارٽين جيڪي اليڪشن دوران واعدا ڪيا هئا سي رڳو واعدا ئي رهيا مهانگائي گهٽجڻ کان وڌي ويئي آهي هڪ پاسي بجلي جي بلن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي راشن يعني روز مره جي شين ۾ واڌ اچي ويئي آهي.
پاڪستان ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ مھانگائي جي سبب جو انڪشاف ٿيو آھي ته 74 سيڪڙو پاڪستاني ماھوار آمدني ۾ پنهنجا خرچ پورا نٿا ڪري سگهن.ان کان علاوه سفيد پوش پگهاردار طبقو ته تمام گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي جو هڪ ملازم پنهنجي پگهار مان گهر جو خرچ ٻارن جي تعليم سميت بجلي گئس جا بل يا گهر جي مسواڙ به نٿو ڏيئي سگهي جنهن سبب جيڪري پگهاردار ماڻهو هر مهيني قرض کڻي پورائو ڪري ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ نجي اداري پلس ڪنسلٽنٽ جي ڪيل سروي موجب پوئين سال مئي 2023 ۾ اھو انگ 60 سيڪڙو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته 74سيڪڙو ماڻهن مان 60 سيڪڙو ماڻھن خرچ گهٽايا آھن، جڏھن ته 40 سيڪڙو پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ پئسا اوڌر تي ورتا. تحقيق موجب انهن 74 سيڪڙو ماڻهن مان 10 سيڪڙو اهڙا به آهن، جن پنهنجا خرچ گهٽائڻ ۽ اوڌر تي رقم وٺڻ سان گڏوگڏ واڌو نوڪريون به ڪيون. خرچ گهٽائيندڙن مان اڌ ماڻهن جو چوڻ آهي ته اھي ضروري خرچ گهٽائڻ باوجود به بچت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آھن.حڪومت بجيٽ پيش ڪري اهو چيو هو ته هي بجيٽ عوام جي ڀلي لاءِ آهي پر هي وڌنڌڙ مهانگائي جي طوفان هنن جي پت وائکي ڪئي آهي
اھا رپورٽ پڙھڻ بعد اھو چوڻ ۾ ڪنھن شڪ جي گنجائش نه رھي آھي ته ملڪ ۾ اڳ پاڪستانين جي ِچيلهه چٻي ٿيل ھئي، پر ٻن سالن دوران ڪيل رڪارڊ مهانگائي سبب ھاڻ عام ماڻھو جي چيلهھ مڪمل طور ڀڄي چڪي آھي، ڇاڪاڻ ته ھن ڀيري عام واھپي جون شيون مھانگيون ٿيڻ بعد ڪيترائي مھينا گذرڻ باوجود ساڳين ئي اگھن تي وڪرو ٿي رھيون آھن،جڏھن ته اڳ اھو ٿيندو ھو ته ڪجهھ ڏينھن مھانگيون وڪامڻ بعد اگهھ بھتر ٿي ويندا ھئا، جيڪڏھن ڪنھن کي ان جو عملي مشاھدو ڪرڻو ھجي ته مارڪيٽن جون رخ ڪري ڏسن، اندر گھڙڻ شرط ريڙھين تي رکيل سبزين جي اگھن بابت لڳندڙ ھوڪن مان ئي خبر پئجي ويندي،ڇاڪاڻ ته ھلندڙ سال ته سبزين جا به اگهھ آسمان سان ڳالھائي رھيا آھن، باقي ٻين شين جو داستان بيان ڪبو ته ھڪ ڊگھي لسٽ تيار ٿي سگھي ٿي.آخر ڪار هي ملڪ اندر جڙندڙ حڪومتون عوام کي ڪڏهن رليف ڏينديون جيڪا به سرڪار اچي ٿي اها دعويٰ ڪري ٿي ته عوام جي ڀلي لاءِ آيا آهيون پر عوام ساڳيو سورن ۾ ئي رهي ٿو.
پلس ڪنسلٽنٽ موجب مختلف شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مالياتي چيلينجن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي، ھاڻ ڪو انصاف پسند ماڻھو ٻڌائي ته جنھن ملڪ ۾ سرڪار طرفان مقرر ڪيل گھٽ ۾ گھٽ پگھار 37 ھزار رپين جي حڪم تي عمل نه ٿئي، اتي ھڪ سال ۾ عام ماڻھو لاءِ چيلنج 14 سيڪڙو وڌندا يا نه ؟ مھانگائي جي اھا شرح ڏسندي اڳتي جي ڏکيائين سڀني کي سوچ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي، ڇاڪاڻ ته پياري پاڪستان ۾ عام ماڻھو جي سالياني آمدني ۾ واڌ ٿئي نه ٿئي پر اھو طئي آھي ته مھانگائي اھڙي وڌندي جو ھر ڪنھن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون، اھو ئي سبب آھي ته ملڪ ۾ غربت ھاڻ انھن ملڪن جھڙِي ٿي وئي آھي، جتي ڪجھه به نه ھجي، جڏھن ته ھتي سڀ ڪجهھ ھوندي به رڳو غريبن کي محروم رکيو پيو وڃي، جيڪڏھن ڪجھه به نه ھجي ھا ته اشرافيا کي ايئن بجلي مفت نه ملي ھا،يا صدر، وزيراعظم، ججن، جرنيلن، چونڊيل عيوضين ۽ ٻين جي پگھارن توڙي الائونسن ۾ ائين شاھاڻو اضافو نه ٿئي،حد ته ڏسو ملڪي معشيت جي خرابي جو عذر پيش ڪري سرڪاري ملازمن جي پينشن ته ختم ڪرڻ جي ڳالهھ ڪئي وڃي ٿي، پر سمورن وڏن عھدن تي ويٺلن جي پينشن وري وڌائي وڃي ٿي، ان کي چئبو آھي نڪ جي پڪائي، جيڪا مُني صدي کان سينو تاڻي ٿي ڪئي پئي وڃي.
بنگلاديش ۾ تازين حالتن تي تبصرو ڪندي پاڪستان جي حڪومت طرفان اھو چيو ويو آھي ته اھا بنگالي عوام سان گڏ آھي، پر اھو ڪنھن کي نظر نٿو اچي ته ملڪ جا ماڻھو ڪھڙي حال ۾ آھن ؟ جن کي ڪو آٿت ڏيڻ وارو به ناھي، ويتر وزير ۽ مشير مھانگائي جا دڙڪا داٻا ڏيندا رھن ٿا،ٻيو ته ٺھيو اھو به چون ٿا ھنن تھ ھلڪو ھٿ رکيو آھي، جيڪڏھن آءِ ايم ايف جي حڪم تي ھليا ته صفا لاھ نڪري ويندا، پر اھو نٿا ٻڌائين ته آءِ ايم ايف وارن ڀلا اھي سھولتون واپس وٺڻ جو حڪم ڇو نه ڏنو آھي، جيڪي پاڪستان جي اشرافيا کي مليل آھن؟ ان ڪري ھاڻ لڳي ٿو ته آءِ ايم ايف سان ڪيل معاھدي جي ان صفحي کي سوشل ميڊيا تي عام ڪرڻو پوندو، جنھن تي چون ٿا اھو لکليل آھي ته عام ماڻھن تان ٽيڪس گھٽائي وڏن ماڻھن تي لڳائي وڃي، پر ھتي وري منظور وساڻ جي اڳڪٿن جيان سڀ ڪجھه ابتو ٿي رھيو آھي،جيڪو خبر ناھي رات جو سمھي ڪھڙي مھل ٿو؟ پر خواب روزانو ڏسي ٿو، ڪاش ھو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سياسي مستقبل بابت ڪيل اڳڪٿين جيان اھا به اڳڪٿي ڪري پ پ جي حمايت سان وفاق ۾ ھلندڙ حڪومت جي دور دوران عوام جو اڃا ٻيو ڪھڙو حشر ٿيندو؟ هڪ پاسي حڪومت مخالف احتجاج به ٿي رهيا آهن پر پوءِ به سرڪار ان طرف سنجيدگي سان ڌيان نه ٿي ڏي ائين نه ٿئي جو اسان وٽ به بنگلاديش جهڙيون حالتون پيدا ٿي پون پوءِ اسين رڳو دانهون ڪندا رهجي وڃون.
اسان سمجھون ٿا ته 74 سيڪڙو پاڪستانين بابت ماھوار آمدني مان پنهنجا خرچ پورا نه پيا ڪري سگهڻ بابت رپورٽ انتھائي ڳڻتي جوڳي آھي، جنھن ڏانھن وزيراعظم شھباز شريف کي ڌيان ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته 60 سيڪڙو ماڻھن طرفان خرچ گهٽائڻ ۽ 40 سيڪڙو پاران خرچ پورا ڪرڻ لاءِ اوڌر وٺڻ ڪا معمولي ڳالھھ ناھي، ان مان عوام جو ڏيوالو نڪرڻ جي تصديق ٿئي ٿي، جيڪڏھن حالتون اھڙيون آھن ته پوءِ اھا ڀلا ڪھڙي ملڪي معشيت آھي جنھن جي مضبوط ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي؟شهباز سرڪار کي هاڻي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪجهھ ڪرڻ گهرجي رڳو پنهنجا شاهي خرچ ڪري ملڪ کي اڃا به وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ بدران اهي اخراجات گهٽائي عوام جو سوچڻ گهرجي هي وڌندڙ مهانگائي ايندڙ وقت ۾ عوام کان وات جو گره به کسي وٺندي پوءِ نيٺ عوام به مجبور ٿي اشرفيا جو گهيرو تنگ ڪندي جنهن سان هي جاگيردار سرمائيدار طبقو لڙهي ويندو.