سنڌي سماج بهتري ڏانهن ڪيئن وڌي سگهي ٿو؟

تحرير: اياز لطيف دايو 

جڏهن 1992 ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن شاخ گهوٽڪي جي طرفان 1500 ڪرايي تي چئن ڪمرن جي بلڊنگ ۾ روشن تارا اسڪول گهوٽڪي پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي هئي ته اسڪول ۾ داخلا جو به وڏو مسئلو هيو، سگا گهوٽڪي جي سڀني ڪارڪنن همت ڪري پنهنجي گهر، مائٽن ۽ دوستن جي ٻارڙن کي اچي داخل ڪرايو، 32 ورهين جي هن سفر ۾ ڪيتريون مشڪلاتون درپيش آيون، انهيءَ حوالي سان سگا گهوٽڪي جو کاهوڙي ساٿي رئوف پارس دايو شاندار تاريخ سهيڙي رهيو آهي، هن وقت گهوٽڪي شهر جي دل ۾ هڪ ايڪڙ پلاٽ تي سنڌ جي عظيم صوفي فڪر جي ٽمورتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ڀائي چين راءِ لُنڊ سامي جي نالي سان شاندار ۽ جديد آرٽ جي شاهڪار عمارتن ۾ هي اسڪول سگا جي سماجي کيتر ۾ سنڌ جي تمام وڏي عظيم اداري طور پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ ارڙهن سئو جي لڳ ڀڳ مستقبل جا معمار معياري تعليم پرائي رهيا آهن.

سگا گهوٽڪي جي قافلي جو خواب آهي ته هن عظيم اداري کي يونيورسٽيءَ جي سطح تي کڻي وڃجي، هن اداري مان هن وقت تائين پڙهي نڪتل سوين ڊاڪٽر، انجنيئر آهن ۽ ٻين شعبن ۾ به هن وقت شاندار پوزيشن ۾ آهن، هن اداري مان تعليم حاصل ڪندڙ هڪڙي وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ نياڻي ۽ هڪڙي ذهين شاگرد آئي بي اي ڪراچي ۾ ميرٽ تي اسي اسي لک روپين جون اسڪالر شپس حاصل ڪري تعليم حاصل ڪئي آهي.

اسان جي سنڌي سماج جو وڏي ۾ وڏو الميو اهو آهي ته جيڪو بهتري طرف گامزن ٿيندو آهي، انهيءَ کي خسيس مفادن جي ڪري ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون،اهو نه سوچيندا آهيون ته جڏهن پبلڪ سيڪٽر به سماج کي مايوس ڪيو آهي، انهيءَ ماحول ۾ رضاڪاراڻي بنيادن تي جيڪي ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن ته انهن جي مٿان ڇا گذرندو، جڏهن انهن جي مٿان بيجا ۽ ڇسا الزام لڳايا ويندا آهن، پر اها به حقيقت آهي ته بڇڙاين جو جهيڙو سدائين چڱائين سان رهيو آهي،يوناني ڏاهپ کان وٺي اهو سلسلو هن وقت تائين جاري آهي.

اهڙي طرح روشن تارا اسڪول گهوٽڪي جي خلاف پهرين ڏينهن کان وٺي ڪات ڪهاڙا اڀا ڪيا ويا آهن، پر سگا گهوٽڪي جي بانيڪار سٿ جو آدرشي ڪردار ڊاڪٽر بشير احمد گهوٽو سدائين چوندو هو ته اوهان جڏهن سماجي ڪم ڪيو ته اڪثريت اوهانکي بهتر سمجهندي ۽ ڪي ٿورا ماڻهو اوهان کي برداشت نه ڪندا، اهڙن ماڻهن جي ڪردار ۾ جهاتي پائي ڏسبي ته انهن وٽ تعمير کان وڌيڪ تخريب هوندي آهي، ڇا انهن بي راهه روي جي شڪار ماڻهن جي ڪري ماڻهو پنهنجي آدرشي پنڌ کي ڇڏي ڏي، ڀٽائي چيو هو ته ”جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.“ تنهن ڪري جيڪو جنهن جو وڙ هوندو، اهو انھي رستي تي ئي هلندو، هونئن به هن وقت سنڌي سماج وڏين تڪليفن ۽ المين واري دور مان گذري رهيو آهي، اڄ جي دور ۾ ته باشعور ماڻهن جي مٿان وڌيڪ ذميداري آهي ته پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن، جيئن سگا گهوٽڪي جا ڪارڪن بي لوڀ ٿي ڪري پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سگا جي سفر ۾ هڪڙي اهم خاصيت اها آهي ته انھيءَ جا سڀ ڪارڪن رضاڪاراڻي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جن کي سماج جي دکي ماڻهن جو درد دل ۾ محسوس ٿي رهيو آهي، اهو سگا جي پليٽ فارم تي آهي، ذاتي ادارن جي تعمير ته هر ڪو ماڻهو ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن ادارن جو سمورو منافعو انفرادي هوندو آهي، پر سگا جهڙين تنظيمن جي طرفان هلندڙ ادارن جي مالڪي ڪنهن فرد جي نه هوندي آهي، انهن ادارن کي وڌيڪ عزت ۽ احترام سان ڏسڻ جي ضرورت آهي، انهن جو سماجي ڪارج اهم هوندو آهي، انهن ادارن تي ڀلي مثبت تنقيد ٿيڻ گهرجي، پر تنقيد جي توبن جا رخ ائين نه هجڻ گهرجن ته ادارن جي تباهي ڪرڻي آهي، جيڪڏهن  ائين ڪندا سين ته روشن تارا جهڙا اسڪول پنهنجي حصي جو ڪردار ڪيئن ادا ڪري سگهندا، جن جو معيار به بهترين آهي، في اسٽرڪچر به عوام دوست آهي ۽ وڏي اهم ڳالهه ته اهڙن ادارن ۾ سوين مسڪين ٻارڙا بلڪل مفت ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

سماج جي سڀني سٺي سوچ رکندڙ دوستن جو اهو حق آهي ته انهيءَ حوالي سان نظر رکي سگهن ٿا ته فري شپ ۾ ته ڪا اقربا پروري نه ٿي رهي آهي، انهيءَ ۾ ته ڪنهن من پسنديءَ جو عمل دخل ته ناهي، ادارن جي سسٽم جي شفافيت ته داغدار ناهي، ادارن جي ڪارڪردگي تي به گهري نظر رکڻ ضروري آهي ۽ اگر ڪو ادارو بهترين خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي ته انهيءَ کي اتساهه ڏيڻ به ضروري آهي، جهڙي طرح روشن تارا اسڪول گهوٽڪي ۾  مختلف بحرانن کان بعد جڏهن منظور اڄڻ بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين ٿيو ته ڪافي بهتري آئي پر جڏهن کان سگا گهوٽڪي سٿ جو سيد علي رضا شاهه بورڊ جو چيئرمين ٿيو ۽ بورڊ جي ميمبرن ۾ سگا جي قافلي جا ساٿي شامل ٿيا ته اسڪول پنهنجي عظمت جي اوچاين طرف گامزن ٿي چڪو آهي، تازو سکر بورڊ پاران ميٽرڪ جا رزلٽ ظاهر ڪيا ويا آهن، انهن ۾ روشن تارا اسڪول جي شاگردن ۽ نياڻين شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جنهن ۾ 168 ٻارڙن مان اي ون گريڊ ۾ 71، اي گريڊ ۾ 91، بي گريڊ ۾ صرف 6 ٻارڙا ۽ سي گريڊ ۾ هڪڙو ٻارڙو به شامل ناهي، ادارن کي انهي پيرا ميٽرز تي ڏسڻ گهرجي، ڇا اهو سنڌي سماج جي بهتري جو ڪم ناهي، اسانجي سماجي المين جو خاتمو تعليم ئي ڪري سگهي ٿي، اهڙن ادارن جي،اهڙين سماجي تنظيمن جي سخت ضرورت آهي، جن وٽ عملي ڪم هجي ۽ جن وٽ اهو سلوگن هجي ته

Actions speak louder  ته an word تنهن ڪري سماج جي سڀني ساڃهه وندن جو اهو اولين فرض آهي ته سماجي المين کي ڏسي مايوس ٿي ويهي نه رهجي پر رڳو پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪجي، تڏهن به گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.