اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) وفاقي حڪومت نئين ايف بي آر چيئرمين جي مقرريءَ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي.ذريعن موجب، پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي راشد لنگڙيال کي ايف بي آر چيئرمين مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، 21 گريڊ جو آفيسر راشد لنگڙيال هن وقت سيڪريٽري پاور ڊويزن آهي، ايف بي آر چيئرمين جي مقرريءَ جي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته موجودا ايف بي آر چيئرمين امجد زبير ٽوانا وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب، ايف بي آر چيئرمين جي مقرري جي سمري وفاقي ڪابينا جي منظوري لاءِ اُماڻي وئي آهي.