27 سالن بعد قتل ڪيس جو فيصلو، چيف جسٽس معافي گهري ورتي

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي شريعت اپيلٽ بئنچ 27 سال پراڻي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڌرين جي رضامندي تي جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ انصاف جي فراھميءَ ۾ دير تي ڌرين کان معافي گهري ورتي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني شريعت اپيلٽ بئنچ جوابدار محمد اڪرم جي اپيل تي 27 سال اڳ داخل ڪيل قتل ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو جاري ڪيو. چيف جسٽس جوابدارن جي وڪيل سان ڳالهائيندي چيو ته توهان کي ايترا سال جيل ۾ گذارڻا پيا، ان لاءِ معافي گهران ٿو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪجهه فيصلن ۾ رضامندي جي بنياد تي بريت جا فيصلا ٿين ٿا، پر رضامندي جي بنياد تي جوابدارن کي بري ڪرڻ جي مخالفت به ٿئي ٿي. ان معاملي تي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ اصول طئي ڪيا ويندا.

  1. شيخ حسينه جو مڙس پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جو ملازم هو

اسلام آباد(اعزاز سيد)بنگلاديش جي لاٿل وزيراعظم شيخ حسينه واجد جو مڙس واجد  پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جو ملازم هو،هو ڪراچي ۾ پاڪستان نيوڪليئر پاور پلانٽ جو چيف سائنٽسٽ هو،هو 1971ع ۾ برطانيا تعليم لاءِ ويو ته ڍاڪا سانحو ٿي پيو،جنهن بعد هو پاڪستان بدران بنگلاديش هليو ويو،هن جي حسينه واجد سان 1967ع ۾ شادي ٿي هئي،هو 2009ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.