ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ، پوليس اهلڪار شهيد

ڪراچي( رپورٽر ) سينٽرل ضلعي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ٻيو پوليس اهلڪار شھيد ٿي ويو. هڪ مهيني دوران سينٽرل ضلعي ۾ ڊي ايس پي سميت 3 پوليس اهلڪار شھيد ٿي ويا آهن. پوليس موجب جوهر آباد ٿاڻي جي حد ۾ راشد منهاس روڊ تي يو بي ايل ڪمپليڪس ۽ لياري ندي جي وچ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن انڌا ڌند فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار شبير احمد ولد رفيق احمد کي شھيد ڪري ڇڏيو. نامعلوم جوابدارن فرار ٿيندي پوليس اھلڪار جا هٿيار ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته سندن موٽرسائيڪل ۽ هڪ ٿيلهو به ڇڏي ويا آهن ، جنھن مان 4 موبائل فون، 2 ڪلائيون، پرس، پرفيوم، منهن جي ڌوئڻ واري مشين، ڪاغذ ۽ ڪجهه ڪپڙا ڇڏي ويا. پوليس  اختياريون واقعي کي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ٻين رخن کي نظر ۾ رکندي جاچ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو پوليس اهلڪار جي شهادت تي افسوس جو اظهار, پوليس اهلڪار شهيد شبير احمد جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، وزير اعليٰ سنڌ وڏي وزير جو آءِ جي پوليس کي واقعي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.