سياستدانن لاءِ ايندڙ وقت سٺو ناهي، اسيمبلي به ٽٽي سگهي ٿي:منظور وساڻ

ڪراچي ( رپورٽر)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته سياستدان ڪنهن به وهم ۾ نه رهن، سٺا ڏينهن  نظر نه ٿا اچن، قومي اسيمبلي ٽٽي سگهي ٿي ۽ نگران حڪومت به اچي سگهي ٿي. منظور وساڻ چيو ته ايندڙ 2 کان اڍائي مهينا ملڪي سياست لاءِ انتهائي اهم آهن، جنهن دوران ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، مونکي سٺا ڏينهن نظر نه ٿا اچن، ويجهي مستقبل ۾ عدليه، ادارن ۽ سياستدانن ۾ ٽڪراءَ وڌي سگھي ٿو. هن چيو ته سياستدانن لاءِ ايندڙ ڏينهن سٺا نظر نه اچي رهيا آهن، سياستدانن وڙهڻ بدران جمهوريت جي بقا بابت سوچين ،  پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته مون کي لڳي ٿو ته ملڪ ۾ ڪٿي ڪا وڏي صفائي نه ٿي، هن وقت پي ٽي آءِ ۽ باني هڪ بند گهٽي ۾ ڦاسي ويا آهن، هنن کي ان حد تائين نه وڃڻ گهرجي ها جتان واپسي جو رستو مشڪل ٿي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.