حيدرآباد (ن ع آ ) سنڌ جا قديمي ڳوٺ ڊاهي ڌرتي ڌڻين کي جبري لڏائڻ جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته بحرياٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ ٻين قبضاگير منصوبن کي وڌيڪ زمينون ڏيڻ لاءِ ڪراچي ۾ قائم سنڌين جا قديمي ڳوٺ ڊاٺا پيا وڃن. ڪراچي ۾ نيو راشدي ڳوٺ کي ڊاهي ڳوٺاڻن کي بي گهر ۽ دربدر ڪيو پيو وڃي جنھن جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي سميت سموري سنڌ جا سمورا ڳوٺ پڪا ڪري، رهواسين کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ڪمانڊر سٽي سميت سمورن قبضاگير ڪمپنين کي الاٽ ڪيل زمينن جي الاٽمينٽ رد ڪري زمينون سنڌ جي اصلوڪن رهواسين حوالي ڪيون وڃن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته روينيو وارا ماڻهن جي رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪري کاتا تبديل ڪرائين ٿا، ماڻهن جا اباڻا کاتا منتقل ڪرائڻ لاءِ به ڳري رشوت طلب ڪن ٿا. روينيو کاتي کي جعلي ڪاغذن جو دڪان بڻايو ويو آهي. اڳواڻن چيو ته صدين کان آباد قديمي ڳوٺن کي مالڪاڻا حق ڏئي سموريون بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن.