نيڪٽا جو دهشتگرد تنظيمن خلاف گڏيل آپريشن جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) نيڪٽا دهشتگرد تنظيمن خلاف گڏيل انٽيلجنس بنياد تي آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي. آپريشنز جو فيصلو نيڪٽا جي ماهوار ڪائونٽر ٽيرارازم انٽيلجنس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ بندش پيل تنظيمن خلاف مستقل جي اپائن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيلجنس ايجنسين جي نمائندن شرڪت ڪئي. نيڪٽا ڪانفرنس ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۽ امڪاني خطرن جو جائزو ورتو ويو. خيالن جي ڏي وٺ دوران گڏيل ڪوششن سان دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ جو عزم ورجايو ويو. ترجمان چيو ته پاڪستان کي مڪمل طور تي محفوظ ۽ پرامن ملڪ بڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.