اسلام آباد(م ڊ) توانائي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي بجلي پيدا ڪندڙ سمورن ادارن (آءِ پي پيز) کان 1994ع کان وٺي هيل تائين ٿيل سمورن معاهدن جون ڪاپيون طلب ڪري ورتيون آهن، ان سان گڏ مختلف دورن ۾ انهن معاهدن ۾ ڪيل تبديلين جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن. سينيٽر محسن عزيز جو چوڻ آهي ته توانائي جو شعبو قومي سلامتي ۽ ملڪ لاءِ هنگامي صورتحال بڻجي ويو آهي.سينيٽر محسن عزيز چيو آهي ته توانائي بحران ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ، اوور بلنگ جو مسئلو به آهي، سڄي ملڪ ۾ اعلانيل ۽ غير اعلانيه لوڊشيڊنگ به ڪروڙين ماڻهن جي ننڊ ۾ ڦٽي وئي آهي، بدانتظامي صورتحال کي خراب ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته بجلي انتهائي بنيادي ضرورت آهي پر هن وقت ان جو ريٽ ايترو بلند آهي جو عام ماڻهو لاءِ بل ادا ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. حد ته اها آهي ته مڊل ڪلاس ۽ اپر مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي بجلي جا بل ادا ڪرڻ ۾ به ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.