ڪوئيٽا (م ڊ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پڙهيا لکيا ماڻهو پنهنجي ئي پارليامينٽ جا پر ڪاٽي رهيا آهن، سڀني جي ذميواري آهي ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته تحريڪ انصاف کي چوان ٿو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق خلاف بي اعتمادي رٿ آڻين ته جيئن اسپيڪر کي ٻڌائين ته اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟ اوهان ته پارليامينٽ جا پر ڪاٽي رهيا اهيو، ڪنهن کي ڳالهائڻ نٿا ڏيو.
هن تجويز ڏني ته ٽن مهينن لاءِ قومي حڪومت ٺاهي وڃي جنهن ۾ نواز شريف، پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف، جمعيت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي ۽ ٻيون سڀ پارٽيون هجن. سڀ اعتراض گڏجي ختم ڪري ملڪ ۾ فوري چونڊون جو اعلان ڪييو وڃي پوءِ جيڪو کٽي اهو زنده آباد نه ته سڀ بحران جا ذميوار هوندا.