انسان کي چنڊ تي پهتي 55 سال گذري ويا. اهو جملو اسانجي عام گفتگوءَ جو حصو بڻجي چڪو آهي، ته اسان جڏهن به ڪنهن فرد يا قوم جي پسمانده حالت کي ڏسندا آهيون ته چوند آهيون ”دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي ۽ هتي اڃا هي حشر لڳو پيو آهي!“ پر حقيقت اها آهي ته انسان جو چنڊ تي پهچڻ هاڻي ڪا نئين يا اچرج جهڙي ڳالهه ناهي رهي! اڄ کان اڌ صدي اڳ ڄاول نسلن کي ته شايد اهو چئي بيوقوف بڻائي سگھڻ سؤلو هو ته چنڊ ۾ جيڪي داغ نظر اچن ٿا، اها در اصل ان تي ويهي ائٽُ ڪتيندڙ هڪ پوڙهي آهي، پر هاڻي ته ٻار کي هوش سنڀالڻ شرط ئي اها خبر آهي ته ’نِيل آرمسٽرانگ‘ اڄ کان ڪئين سال اڳ چنڊ تي قدم رکي چڪو آهي ۽ هاڻي اسان مريخ ڏانهن اڏامڻ جا سانباها پيا ڪيون.
اها معجزي جهڙي ڳالهه تڏهن هئي، جڏهن 20 جولاءِ 1969ع تي ’اپولو 11‘ رستي امريڪي خلاباز ’نيل آرمسٽرانگ‘، پنهنجي ساٿيءَ ’ايڊون بَز ايلڊرن‘ سان گڏ چنڊ تي لٿو ۽ چنڊ تي ڪنهن به انسان جي لهڻ جا اهي منظر امريڪي ٽيليويزن پوري دنيا کي سنوان سڌا ڏيکاريا، جن کي ماڻهن پنهنجي دل جون ڌڙڪنُون روڪي ڏٺو ۽ اچرج مان کين ڏندين آڱريون اچي ويون ته ”مار! انسان چنڊ تي ڪيئن پهتو!“ ان عظيم انساني ڪارنامي لاءِ اهو جملو مشهور ٿيو (جيڪو سچ به هو!) ته ”اهو انسان لاءِ ته هڪ ننڍو قدم هو، پر انسانذات لاءِ هڪ وڏي ٻِرانگَھه يا ٽپو هو.“ ’نِيل‘ ۽ ’ايڊوِن‘ سان گڏ ان مِشن ’اپولو 11‘ ۾ سندن ٽيون خلاباز ساٿي ’مائِيڪل ڪولنس‘ پڻ هو، جيڪو پنهنجي طئي ٿيل ڪردار موجب خلائي شٽل مان ڪونه هو لهڻو، تنهن ڪري اهو چنڊ تائين پهتو ته سهي، پر ان چنڊ تي قدم ڪونه رکيو ۽ اهو چنڊ جي مدار ۾ گھمندو رهيو ۽ سندس هي ٻه ساٿي چنڊ تي قدم رکي، ان جو پسار ڪري، مٽر گشتي ڪري، اتان جون نشانيون ميڙي واپس ٿيا. لڳ ڀڳ ٻه هفتا اڳ ان عظيم انساني ٻرانگَھه کڻڻ کي 55 سال پورا ٿيا.
جيتوڻيڪ ان عظيم واقعي کان 7 سال پوءِ خود امريڪا جي ئي هڪ ٽيڪنيڪل ليکڪ ۽ متنازع موضوعن تي لکڻ جي شوقينَ، ’بِل ڪيسنگ‘ مختلف دليلن سان اها دعويٰ ڪئي ته ’اپولو 11‘ جي چنڊ تي لهڻ واري سڄي ڪهاڻي ڪُوڙي آهي ۽ انسان ڪڏهن چنڊ تي ويو ئي ناهي. اها دعويٰ هن پنهنجي ڪتاب ”وي نيور وينٽ ٽُو دي مون: اميريڪاز ٿرٽي ملين ڊالر سوئنڊل“ (ترجمو: اسان ڪڏهن چنڊ تي ويا ئي ناهيون: امريڪا جا 3 ڪروڙ ڊالر ان مد ۾ دوکي سان کپايا ويا آهن.) ۾ ڪئي، جيڪو 1976ع ۾ ڇپيو، جنهن جو گوڙ به ڪئي سالن تائين دنيا ۾ رهيو ۽ اها ڳالهه سنجيدگيءَ سان بحث هيٺ آئي ته ڇا واقعي انسان چنڊ تي ناهي ويو! ان ڏس ۾ مصنف جي دليلن مُوجب امريڪا، تن ڏينهن جي ٻئي سُپر پاور، رُوس (سوويت يُونين) تي سرسي ڏيکارڻ، سرد جنگ کٽڻ توڙي امريڪا جي قومي وقار کي وڌائڻ لاءِ اهو ڪوڙ هنيو آهي. ڪيسنگ جي ان سازشي نظريي کي هٿي 24 سال اڳ تڏهن ملي، جڏهن امريڪا جي مشهور فلمساز ’بارٽ سبرِيَل‘ 2001ع ۾ ”چنڊ جي رستي تي هڪ کِلَ جهڙي شئي“ نالي هڪ دستاويزي فلم ٺاهي، پر پوءِ آزاداڻن سائنسي ذريعن جي وري وري ڪيل تصديق، ’اپولو 11‘ پاران چنڊ تان آندل پٿرن ۽ ٻين فطري نشانين جي اڻ ڌرئي چڪاسَ، ’اپولو 11‘ جي ڪاميابيءَ ۾ شامل هزارين ڪارڪنن جي شاهدين توڙي فوٽوگرافيءَ ۽ ويڊيو سميت ٻين ثبوتن سچ کي نروار ڪيو ته انسان چنڊ تي پهريون ڀيرو ’اپولو 11‘ رستي ئي قدم رکيو ۽ اهو واقعو 20 جولاءِ 1969ع تي ئي پيش آيو هو.
اها دلچسپ ڳالهه آهي ته اڪثر ماڻهن کي اها خبر نه هوندي ته چنڊ تي ان پهرين انساني قدم کانپوءِ انسان گھڻا دفعا چنڊ تي لهي چڪو آهي؟ جنهن جو جواب اهو آهي ته جُولاءِ 1969ع واري ان انساني تاريخ جي عظيم ڪارنامي کانپوءِ به انسان 5 دفعا چنڊ تي پنهنجا پير گھمائي چڪو آهي. نيل جي قدم کانپوءِ امريڪا کي الائي ڇو فقط 4 مهينن اندر چنڊ جي ٻيهر سِڪَ لڳي ۽ ان نومبر 1969ع ۾ چنڊ ڏانهن پنهنجو ٻيو مشن ’اپولو 12‘ موڪليو. جنهن کانپوءِ امريڪا جا چنڊ ڏانهن خلابازن سان گڏ موڪليل مشن ترتيبوار، ’اپولو 14‘ (فيبروري 1971ع)، ’اپولو 15‘ (جُولاءِ 1971ع)، ’اپولو 16‘ (اپريل 1972ع) ۽ ’اپولو 17‘ (ڊسمبر 1972ع) آهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته چنڊ تي قدم رکڻ جو اعزاز اڄ تائين امريڪي شهرين کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ملڪ جي باشندن کي حاصل ناهي ٿي سگھيو. البته اهو ياد رهي ته انساني مشنن کانسواءِ موڪليل ٻين ملڪن پاران روبوٽڪ ۽ غير انساني قمري مشن چنڊ تي لهي چڪا آهن، جن ۾ انساني خلابازن بدران روبوٽڪ روور، امپيڪٽر ۽ لينڊر وغيره موڪليا ويا هئا. جنهن تحت گڏيل رُوس (سوويت يونين) پاران 1959ع کان 1976ع جي وچ ۾ موڪليل 12 امپيڪٽرَ ۽ 6 روورَ، ’ناسا‘ رينجر پروگرام (1961ع ــ 1965ع) پاران موڪليل 6 روورَ، ’ناسا‘ سرويئر پروگرام (1966ع ــ 1968ع) تحت موڪليل 5 لينڊر، 2007ع ۽ 2019ع ۾ جپان پاران موڪليل مشن، چين پاران 2013ع ۽ 2019ع ۾ موڪليل مشن، ڀارت پاران 2008ع ۾ موڪليل ”چندريان 1“ ۽ 2019ع ۾ موڪليل ”چندريان 2“ ۽ 2019ع ۾ ئي اسرائيل پاران موڪليل مشن شامل آهن. ڀارت جو چندريان 2، 2019ع ۾ چنڊ جي ڏکڻ قطب ۾ لٿو ته سهي، پر پنهنجي ’ڪِريش لينڊنگ‘ سبب پنهنجي آربيٽر سان رابطو وڃائي ويٺو ۽ گھڻو ڪري تباهه ٿي ويو. چنڊ جي سطح تي سندس اهڙي لهڻ کي ’ڪامياب لينڊنگ‘ ڪونه مڃيو ويو.
چنڊ تي هن وقت تائين 12 خلاباز قدم گھمائي چڪا آهن، جن ۾ ’نيل آرمسٽرانگ‘ ۽ ’ايڊوِن بَز‘ (اپولو 11)، ’پيٽي ڪونراڊ‘ ۽ ’ايلن بِين‘ (اپولو 12)، ’ايلن شيفرڊ‘ ۽ ’ايڊگر مچيل‘ (اپولو 14)، ’ڊيوڊ اسڪاٽ‘ ۽ ’جيمز اِروِن‘ (اپولو 15)، ’جان ينگ‘ ۽ ’چارلس ڊيُوڪ ‘ (اپولو 16)، ’يُوگِن ڪيرنَن‘ ۽ ’هيريسن شمٽ ‘ (اپولو 17) شامل آهن، جيڪي سڀ جا سڀ امريڪي آهن. 1972ع کانپوءِ چنڊ تي ڪوبه انساني مشن ڪونهي لٿو. يعني چنڊ تي انسان کي چهل قدمي ڪئي به 52 سال ٿي چڪا آهن.
اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت 2019ع ۾ چنڊ ڏانهن موڪليل ”چندريان 2“ جي ناڪاميءَ کانپوءِ گذريل سال 2023ع ۾”چندريان 3“ رستي پنهنجي چنڊ گاڏي، چندرما جي سطح تي لاهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، پر ياد رهي ته ”چندريان 3“ مشن هڪ غير انساني ۽ بنا پائلٽ وارو مشن هو، جيڪو خلابازن يا انسانن کي چنڊ ڏانهن ڪونه کڻي ويو هو. جڏهن ته ان مشن ۾ ’وِڪرم لينڊر‘ نالي هڪ بي پائلٽ روبوٽ خلائي جهاز ۽ ’پَرگيان روور‘ نالي هڪ بي پائلٽ روبوٽ گاڏي شامل هئي. هن مشن کي ڀارت پاران چنڊ تي موڪلڻ جو مقصد چنڊ جي مٿاڇري تي سائنسي تجربا ڪرڻ ۽ ڊيٽا گڏ ڪرڻ هو. ڀارت اڃا تائين چنڊ تي ڪو به انساني مشن ڪونهي موڪليو. بهرحال ”انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن“ (اِسرو) ويجهي مستقبل ۾ ’گگنان‘ نالي انسان خلابازن تي مشتمل پنهنجو پهريون مشن شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، پر اهو اڃا منصوبابنديءَ جي مرحلن ۾ آهي.
ان ڏس ۾ پاڪستان به چين جي سهڪار سان آڱر ڪٽائي شهيدن ۾ نالو لکرايو آهي ۽ هن سال چين جي گاڏيءَ ۾ ويهي چنڊ جي مدار جو چڪر هنيو آهي. پاڪستان پاران لانچ ڪيل ”آءِ ڪيُوبي ــ قمر“ سيٽلائيٽ چنڊ جي چوڌاري گردش ڪرڻ ۽ چنڊ جي مٿاڇري جون تصويرون وٺڻ جي مقصد لاءِ ٺاهيو ويو هو ۽ ان کي چنڊ جي مٿاڇري تي ڪونه لهڻو هو. هي سيٽلائيٽ 3 مهينا اڳ 8 مئي 2024ع تي ڪاميابيءَ سان قمري مدار ۾ داخل ٿيو ۽ اتان ان ابتدائي تصويرون ڪڍي موڪلي ڇڏيون آهن. ”آءِ ڪيُوبي ــ قمر“ سيٽلائيٽ اسلام آباد جي ’انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجيءَ‘ ۾ چين جي شنگھائي يونيورسٽيءَ جي سهڪار سان تيار ڪيو آهي، جنهن کي 3 مئي 2024ع تي چين جي شهر ’هينان‘ مان لانچ ڪيو ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو سيٽيلائيٽ، ايندڙ 3 مهينا ٻيا به (نومبر 2024ع تائين) خلا ۾ هوندو، جنهن کانپوءِ پنهنجي گھر (چين) واپس موٽندو.