ظفرالله ڌاريجي بنگلي تي به گهرائي معافي وٺرائي،تصويرون وائرل ڪري تذليل ڪئي: فاروق آرائين

ميرپورماٿيلو (رپوٽ: خالد وسير) گهوٽڪي  ۾ ڄام ظفرالله ڌاريجي جي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻيل بئنڪ عملدارن معاملي جو نوٽيس وٺڻ  ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، نيشنل بئنڪ ڪراچي جي نائب صدر فاروق احمد آرائين چيو آهي ته سينيٽر ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي ڀاءُ اڳوڻي ايس ايس پي ڄام ظفر الله ڌاريجو بئنڪ عملدارن مٿان ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا، پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۽ روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي نيشنل بئنڪ ڪراچي جي نائب صدر فاروق احمد آرائين چيو آهي ته ڄام طفرالله ڌاريجو 25 اپريل تي گھوٽڪي بئنڪ ۾ وڃي مئنيجر خادم حسين سومرو مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو، جنهن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، بعد ۾ هن منهنجي ۽ خادم سومرو مٿان 3 ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا، ڪيس داخل ڪرائڻ بعد ظفر الله ڌاريجو اسان کي پنهنجي بنگلي تي گھرائي زبردستي معافي وٺرائي ۽ زوري پيرن ئي ڪيرائي تصويرون ڪڍيون، جيڪي وائرل ڪرائي اسان جي تذليل ڪئي وئي.نيشنل بئنڪ گهوٽڪي جي اڳوڻي  مئنيجر خادم حسين سومرو روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته  گهوٽڪي واقعو بئنڪ لون جي مسئلي تان پيش آيو، ڄام طفرالله خان ڌاريجي پنهنجي ڀائيٽي نوشيروان خان ڌاريجي ۽ گارڊن سان گڏجي گهوٽڪي بئنڪ ۾ اچي منهنجي ۽ عملي مٿان سخت تشدد ڪيو، جنهن بعد ڄام طفرالله ٺاھ جي بهاني بنگلي تي گھرائي تشدد ڪيو ۽ زبردستي پيرن تي هٿ رکرائي ويڊيو رڪارڊ ڪرايو.بئنڪ عملدار خادم حسين سومرو ۽ فاروق آرائين چيو ته هاڻ به خاموش نه رهڻ جي صورت ۾ اسان کي قتل ۽ اغوا جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، هنن چيو ته تذليل، تشدد ۽ ڌمڪيون ملڻ بعد ڄام ظفر الله ڌاريجو خلاف ڊي آءِ جي سکر  پير محمد شاھه ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي سمير نور چنو کي لکت ۾ درخواستون پڻ ڏنيون آهن، ان باوجود ڊي آءِ جي سکر معاملي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو نه ئي بااثر خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي آهي.بئنڪ عملدارن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڄام ظفرالله خان ڌاريجو ۽ سندس ساٿين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي تحفظ ڏيڻ سان گڏ انصاف ڏياريو وڃي.

  1. ڄام ظفرالله جي ماڻهن کنڀي تشدد ڪري معافي وٺرائي: خادم حسين سومرو

سکر (رپورٽ:آزاد مهر) نيشنل بينڪ گھوٽڪي جي اڳوڻي چيف مئنيجر خادم حسين سومرو پنھنجي وڪيل ايڊووڪيٽ شفقت سومرو سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سيپٽمبر 2023 ۾ گھوٽڪي نيشنل بينڪ ۾  ڄام ظفرالله  ڌاريجو ۽ ظفر الهدي صديقي وچ ۾ 5 ڪروڙ جي ڏيتي ليتيءَ جو معاعدو طئي ٿيو،  ظفرالهدي  صديقي ڄام ظفرالله ڌاريجو کي ٻه ڪروڙ ادا ڪيا، 3 ڪروڙ رھجي ويا، جنھن ۾ ڄام ظفرالله ڌاريجو مونکي ھراسان ڪري 3 ڪروڙن جو سيڪيورٽي چيڪ وصول ڪيو، 25 اپريل2024 تي   ظفر صديقي رھيل 3 ڪروڙ بئنڪ جي معرفت ڄام ظفرالله ڌاريجو جي ڌر جي  اڪائونٽ۾ جمع  ڪرايا پر ظفرالله ڌاريجي سيڪيورٽي چيڪ واپس نه ڪيا ابتو پٽ نوشيروان ڌاريجو ، منشي ضمير ڌاريجو ۽ ٻن نامعلوم ھٿياربندن سان گڏجي بينڪ اندر تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيجز موجود آهن عادلپور ٿاڻي  تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا. ٿاڻي تي بيان رڪارڊ ڪرائن وياسين ته ڄام ظفرﷲ ڌاريجو جا هٿياربند ڳالهين ڪرڻ جو جواز ٻڌائي کڻي ويا، ڄام جي بنگلي تي اسان کي هٿياربندن تشدد جو نشانو بڻائي، حراسان ڪري زمين تي ويهاري، ڄام جي پيرن تي هٿ رکرائي وڊيوز ٺاهيا ۽ بعد ۾ آزاد ڪيو ويو.  خادم حسين سومرو چيو ته واقعي خلاف گهوٽڪي پوليس اسان جي فرياد نه ورتي ڊي آءِ جي سکر کي درخواست ڏني، ڊي آءِ جي سکر فوري ڪاروائي جي هدايت ڪئي پر پوءِ به تدارڪ نه ٿيو، نيشنل بينڪ  انتظاميا مونکي چيف مئنيجر جي عهدي تان معطل ڪري ڇڏيو آهي. خادم سومرو نيشنل بينڪ جي اعلي اختيارين، سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.