نيوٽرل جو مقصد جانور نه پر غير سياسي آهي: عمران جو يوٽرن\جي ايڇ ڪيو آڏو ڌرڻي جي ٻيهر تصديق،

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي حمايت ڪندي چيو آهي ته جماعت اسلامي مهانگائي خلاف ڌرڻو ڏئي وڏو ڪم ڪيو آهي. مان سندس موقف جي حمايت ڪريان  ٿو. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پي ٽي آءِ باني چيو ته 9 مئي کان اڳ جي ايڇ ڪيو ٻاهران پرامن احتجاج جي بيان تي قائم آهيان. منهنجو بيان ائين پيش ڪيو ويو ڄڻ مون 9 مئي جي واقعن جو اعتراف ڪيو هجي.هن چيو ته مون پارٽي کي چيو هو ته جيڪڏهن فوج ۽ رينجرز مون کي گرفتار ڪري ته پوءِ جي ايڇ ڪيو ۽ ڪنٽونمينٽ ٻاهران پرامن احتجاج ڪجو.هن چيو ته 14 مارچ تي مون کي مارڻ لاءِ منهنجي گهر تي حملو ڪيو ويو، 18 مارچ تي جڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران مون کي مارڻ جو منصوبو هو، ان جا مون وٽ ثبوت آهن .9 مئي تي پرامن احتجاج جي دعويٰ جي ابتڙ پرتشدد واقعن بابت پڇڻ تي عمران خان چيو ته احتجاج پرامن نه هو ڇو ته هنن وٽ اڳ ۾ ئي اها رٿابندي هئي، هو سي سي ٽي وي فوٽيج نه آڻي رهيا آهن ڇو ته اسان جا ماڻهو سي ٽي وي فوٽيج ۾ نظر نه ٿا اچن، هن چيو ته مان 9 مئي جي سي سي ٽي وي فوٽيج جي چوري تي عدالت وڃي رهيو آهيان، جڏهن ته مان پاڻ رينجرز خلاف ڪيس داخل ڪري رهيو آهيان ته ڪيئن اڳوڻي وزيراعظم کي هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان اغوا ڪيو ويو، ڪنهن رينجرز کي حڪم ڏنو ته مون کي گرفتاري ۽ ڏنڊا وسائي؟ هن چيو ته حڪومت سوشل ميڊيا تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪينسر ۾ مبتلا 75 ورهين جي رئوف حسن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن معاملي جي شفاف جاچ ڪرڻي آهي ته پوءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.حڪومت چاهي ٿي ته پي ٽي آءِ کي فوج ذريعي ختم ڪيو وڃي، ان ڪري پي ٽي آءِ ۽ فوج ۾ ٽڪراءُ ڪرائڻ چاهين ٿا.سوشل ميڊيا عوام جو آواز آهي، خدا جي واسطي ان کي ڊجيٽل دهشتگردي سان نه ڳنڍيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن اداري تي تنقيد نه ٿيندي ته پوءِ ادارو ئي تباهه ٿي ويندو.جيڪڏهن فوج فارم 47 وارن جي حڪومت سان گڏ بيهندي ته ان جي ساک متاثر ٿيندي،  فوج جو فارم 47 وارن سان گڏ بيهڻ ئي ملڪ، معيشيت ۽ جمهوريت لاءِ نقصانڪار آهي.اسان سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جي پٺيان اسٽيبلشمينٽ آهي.نيوٽرل بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيوٽرل جو مقصد جانور نه پر غير سياسي هوندو آهي، لفظ شايد غلط استعمال ٿيو هجي، منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته فوج آئين جي دائري ۾ رهي.حڪومت سان ڳالهين بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڳالهين جو ڪو نتيجو نه نڪتو آهي، جيڪو ڪجهه ڪن پيا ان سان اسان جي پارٽي کي نقصان نه پر فائدو ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.