ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، ڪراچي جي صدر، ڪينٽ، شاهراهه فيصل، اختر ڪالوني سميت مختلف علائقن ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن دوران برسات جاري رهڻ جو امڪان آهي.
-
ڪراچي پوليس حادثي ۾ ملوث بااثر گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي صبا ايونيو ڪراس خيابان بدر فيز 5 ايڪسٽينشن تي ڇنڇر جي صبح پيش آيل ڪار حادثي ۾ پوليس گهربل ڇوڪرو ۽ ڇوڪريءَ جي ڳولا شروع ڪري ڏني،جوابدار ڇنڇر تي بلوچستان جي سرڪاري ويگو گاڏي سي بي سي ملازم مٿان چاڙهي ماري ڇڏيو هو، حادثي بعد بااثر تيز رفتاري سان هڪ بگنلي جي ڀت ۽ بيٺل ڪار کي ٽڪر هڻندي فرار ٿي ويو هو. ڏکڻ زون پوليس لاءِ بااثر ۽ سندس گڏ ويٺل ڇوڪريءَ جي گرفتاري وڏو چئلنج بڻجي ويو آهي. هوڏانهن واقعي بعد بلوچستان جي وڏي وزير معاملي جو نوٽيس وٺندي سرڪاري گاڏي جي غلط استعمال تي لاڳاپيل آفيسر امتياز احمد کي عهدي سان هٽائي ڇڏيو آهي.