اسلام آباد(اعزاز سيد+فخر دراني) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال پاران استعيفيٰ ڏيڻ جون تياريون، وزيراعظم آڏو خدشن جو به اظهار ڪري ڇڏيو،ان جي ڪا به شنوائي نه ٿي سگهي، هن کي وزارت جي حوالي سان تحفظات آهن،احسن اقبال Five Eجي ويزن کي حڪومت جي پنج ساله منصوبابندي ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو جنهن سان پاڪستان جي معيشت کي وڏو سهارو ملي سگهي ٿو، پر پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين پنهنجو 5 ساله پروگرام قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ پيش ڪري ڇڏيو،جنهن جي وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي، احسن اقبال ان پروگرام تي اعتراض واريو ۽ چيو ته مون کان ان جي منظوري نه ورتي وئي، جنهن تي مان احتجاج ڪريان ٿو پر وزيراعظم سندس ڳالهه نه ٻڌي ۽ هدايت ڪئي ته توهان ڊپٽي چيئرمين سان مشاورت ڪريو،ذريعن موجب احسن اقبال پنهنجي وزارت ۾ ڊپٽي چيئرمين جي مداخلت ۽ خدشا ختم نه ٿيڻ تي استعيفيٰ ڏيڻ جو سوچي رهيو آهي، اهي به افواهه آهن ته هو عوام پاڪستان پارٽي ۾ وڃي رهيو آهي پر احسن اقبال جو چوڻ آهي ته مان پارٽي نه پيو ڇڏيان پر هن پنهنجي استعيفيٰ بابت ترديد يا تصديق نه ڪئي، وزيراعظم شهبازشريف نوازشريف جي ويجهن ماڻهن کي سائيڊ تي ڪري رهيو آهي