ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز) تجزئي نگار هر ميت سنگهه چيو آهي ته بلوچستان ۾ فورسز جي رڪاوٽن باوجود گوادر ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي تمام وڏو عوامي ميڙ گڏ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ جيڪو فورسز ڪيو ۽ جيڪي وڊيوز وائرل ٿي رهيون آهن اهي تمام گهڻيون تڪليف ڏيندڙ آهن، اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کي چوان ٿو ته ائين نه ڪريو، طاقت سان دليل سان ڳالهايو، هن چيو ته بلوچستان ۾ سڀ کان وڏو ظلم ايف سي جو آهي، اهي مقامي عورتن جي تذليل ڪن ٿا،منهنجي تجويز اها آهي ته ايف سي ۾ مقامي نوجوان ڀرتي ڪريو جيڪي گهٽ ۾ گهٽ اتان جي مقامي ٻولي ته سمجهن ،هن چيو ته جڏهن ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ بلوچستان جو وڏو وزير هو تڏهن صوبي جو ماحول پرامن هو، هن تمام سٺو ڪم ڪيو، هن کي هٽائي ٽائوٽ ويهاريو ويو، هن وقت به ڪٺ پتلي وڏي وزير جو بيان باهه ۾ تيل هارڻ برابر آهي، عالمي ميڊيا گوادر کي ڪور ڪري رهيو آهي، حڪومت کي روايتن مطابق ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 30 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو