پيرجوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي)پيرڳوٺ ڀرسان ڪچي واري ديهه راڄوديري ۾ زمين جي معاملي تان جوڻيجا، ڪلهوڙا، راشدي ۽ ڀٽا برادري ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو درگاهھ پيرڳوٺ ۾ ٿي گذريو، نبيري ۾ معظم خان عباسي، اظهر ڪماريو، امير بخش ڀٽو، عابد جتوئي، عبدالحق ڀرچونڊي، رياض چانڊيو، شمشاد خان، نجف علي ڪماريو مير شاھنواز خان ٽالپر شرڪت ڪئي. جهيڙيندڙ ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ مجموعي طور تي ڌرين مٿان 3 ڪروڙ 54 لک روپيا ڏنڊ جي فتوا ٻڌائي وئي آهي، جرڳي ۾ ڀٽا برادري جي ٻن خونن هڪ زخمي ۽ فصل جو نقصان ثابت ٿيڻ تي جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برداري مٿان 2 ڪروڙ 25 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته ڪلهوڙا برداري جي هڪ خون ۽ ٽن زخمين جو ڀٽا برادري مٿان 34 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جهيڙي دوران فائرنگ ۽ فصلن کي باهيون ڏيڻ سبب سيد زمان شاه جي ٿيل نقصان جو ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا برادري مٿان 95 لک روپيا ڏنڊ جي پڻ فتوا ٻڌائي وئي جڏهن ته ٿڌو پڻ بخش ڪرائڻ جو جوڻيجن ۽ ڪلهوڙن کي پاپند بڻايو ويو. جڏهن ته جهيڙي واري زمين جو سرڪاري طور ڌنگ ڪيو ويندو. اهڙي طرح جهيڙيندڙ ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. جنهن بعد علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.