ڪراچي ۾ آئل ٽينڪر ڪار مٿان ڪري پيو، هڪ ڄڻو فوت

ڪراچي( رپورٽ :حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ بلوچ ڪالوني پل مٿان آئل ٽينڪر ڪار مٿان ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار هڪ  ڄڻو فوت ٿي ويو.ٽريفڪ پوليس ترجمان موجب گاڏي کي ٽينڪر جي هيٺان ڪڍڻ لاءِ ڳري مشينري طلب ڪئي وئي، جنهن سبب شهرين جي وڏي انگ ۾ گڏ ٿيڻ سبب ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش آيون. حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ فائر برگيڊ جون گاڏيون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ ٽن ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ ڪرين جي مدد سان ٽينڪر هيٺان دٻيل شخص جو لاش ڪڍيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته آئل خالي ڪرڻ بعد ٽينڪر واپس اچي رهيو هو ته ڪلٽي ٿي پيو ۽ ٽينڪر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته آئل ٽينڪر مان وڏي مقدار ۾ تيل وهندو رهيو. جڏهن ته آخري اطلاعن موجب 11 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به آئل ٽينڪر کي نه هٽايو ويو هو، جنهن سبب شارع فيصل سخت متاثر ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.