اسلام آباد(م ڊ) گيلپ پاڪستان بزنس ڪنفيڊينس انڊيڪس 2024 جي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته ڪاروباري تنظيمن شهباز حڪومت کي معيشت جي بدترين حڪومت قرار ڏنو آهي. گيلپ پاڪستان بزنس ڪنفيڊينس انڊيڪس 2024 جي ٻي ٽه ماهي سروي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪاروباري ادارن شهباز حڪومت کي معيشت لاءِ بدترين حڪومت قرار ڏنو ۽ حڪومت جي مالي سال 25-2024 جي مالياتي پلان کي ڪاروبار لاءِ نا مناسب قرار ڏنو. ان حوالي سان وڌيڪ چيو ويو ته سياسي ڇڪتاڻ، نون ٽيڪسن سبب ڪاروباري ادارا مستقبل جي حوالي سان سخت مايوسي جو شڪار آهن، مستقبل ۾ ڪاروباري صورتحال ۽ ملڪ جو رخ 4 کان 10 سيڪڙو تائين گهٽجڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت جو مالي سال 2024-25 جو مالياتي منصوبو ڪاروبار دوست ناهي ۽ هر 5 مان 2 ڪاروباري ادارا مهانگائي کي سڀ کان وڏو مسئلو سمجهن ٿا.