اڄوڪي احتجاج بعد سوچبو ته بک هڙتالون ڪجن يا نه؟: علي محمد خان

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان جو چوڻ آهي ته اڄوڪي احتجاج کانپوءِ سوچيو ويندو ته سڄي ملڪ ۾ بک هڙتالون ڪيمپون قائم ڪيون وڃن يا نه.هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي علي محمد خان چيو ته جيڪڏهن فيصلو ٿيو ته نه رڳو اسيمبلي اندر پر خيبر کان گوادر تائين سمورن تڪن ۽ گهٽين ۾ بک هڙتالون ڪيون وينديون.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آرمي چيف ڪنهن به پارٽي يا حڪومت سان تعلق ناهي هوندو، اهو پوري قوم  جو عهدو آهي ۽ سڀني لاءِ قابل احترام آهي، پاڪستان جي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو به ڪردار نه هجڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.