لاهور (معظم فخر) اسلام آباد ۾ نئين عدالتي کچڙي پڪڻ جو امڪان آهي، اسلام آباد ۾ ٻن اهم عدالتي شخصيتن ملڪ ۾ موجود اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز سان ملاقاتون ڪيون آهن. سپريم ڪورٽ جي ٻن اڳوڻن چيف جسٽسز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇھن ججز سان پهريان الڳ الڳ ۽ پوءِ گڏجي ملاقاتون ڪيون، کين مشورو ڏنو ويو آهي ته عمران خان جي ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ لاءِ تڪڙ نه ڪئي وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته اڳوڻن چيف جسٽسز جو اهو مشن ڪامياب نه ٿي سگهيو، ڇو ته ڇهن ججز کين ڪو به جواب نه ڏنو، هو سندن مشورا ٻڌي خاموش رهيا. اڳوڻن ججز بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪجهه ججز سان ملاقاتون ڪري کين 6 ججن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت آگاهي ڏني. ٻئي طرف پي ٽي آءِ باني عمران خان پنهنجي ۽ تحريڪ انصاف جي ڪيسن جي ٻڌڻين کان چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ کي ڌار ڪرڻ لاءِ ججز ڪميٽيءَ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي. عمران خان جي اها درخواست اختلافن جو شڪار ججز ۾ ڏار وڌائڻ جي سازش قرار ڏني پئي وڃي. جيڪڏهن ججز ڪميٽيءَ ۾ شامل جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر اهو فيصلو ڪندي چيف جسٽس کي ڪيسن کان الڳ ڪن ٿا ته اها چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ لاءِ شرمندگيءَ جو سبب بڻجندو.