ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾گذريل ڏينهن پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل شهري عمرفاروق جي بازيابي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عمرفاروق کي سي ٽي ڊي 24 مئي 2024ع ۾ گرفتار ڪيو هو، سي ٽي ڊي جي گرفتاري جي حوالي سان اخبارن ۾خبرون شائع ٿيون، درخواستگذار پاران اخبارجي خبرن کي عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو. عدالت سي ٽي ڊي جي ڊي آءِ جي کان وضاحت طلب ڪندي وفاقي، صوبائي حڪومت ۽ رينجرز کان جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت درخواست جي ٻڌڻي 13آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، درخواستگذار نقيب احمد پنهنجي موقف ۾ چيو ته منهنجي ڀاءَ عمرفاروق 12 مئي تي سانجهيءَ جي نماز کان پوءِ ڪجهه سامان جي لاءِ ويو هو .14مئي تي لاڳاپيل ايس ايڇ او کي گم ٿيڻ جي درخواست داخل ڪئي.