جعلي ڊوميسائل تي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن؛ خواجا اظهار الحسن

ڪراچي (رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ايم  ڪيو ايم جي خواجا اظهارالحسن جي پي آر سي ۽ ڊوميسائل جي حوالي سان درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت سنڌ حڪومت سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جسٽس محمد علي مظهر پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته حڪومت جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي. خواجا اظهار الحسن عدالت کي ٻڌايو ته سنڌهاءِڪورٽ فيصلو ڪندي اهم نڪات کي نظر انداز ڪيو آهي .درخواستگذار جو چوڻ آهي ته جاچ ڪميٽيون 30 ڏينهن جي لاءِ ٺاهي وئي هئي، سنڌحڪومت صرف چئن ڊسٽرڪٽ جي جاچ رپورٽيس جمع ڪرائي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت جي رپورٽ جو جائزو به نه ورتو آهي، ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار الحسن چيو ته جعلي ڊوميسائل تي سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، شهري علائقن ۾ وڏي پيماني تي جعلي ڊوميسائل ٺاهيا پيا وڃن .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.