پيڪا ايڪٽ: رئوف حسن ۽ ٻين جي جسماني رمانڊ ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن ۽ ٻين جي جسماني رمانڊ ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن ۽  ٻين کي پيڪا ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ايف آءِ اي جي جاچ آفيسرن رئوف حسن سميت ٻين جوابدارن جي وڌيڪ رمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت ايف آءِ اي جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي رئوف حسن سميت نوَ شريڪ جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. ياد رهي ته پوليس طرفان رئوف حسن کي چار ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ جي اسلام آباد سيڪريٽريٽ مان گرفتار ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.