ٽنڊوالهيار (ڊ ر)ٽنڊي الهيار شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نگينا ڪالوني ۾ گذريل رات دير سان ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيل 35 سالا قاسم ميئو جو سندس گهر مان لاش مليو. اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مليل ڄاڻ موجب نوجوان جو ڪهاڙيون لڳل لاش سندس گهر مان مليو آهي پوليس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو آهي. چيو وڃي ٿو ته مقتول قاسم ميئو کي سندس ڀاءُ قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي. اطلاع آهن ته پوليس پڻ ڪجهه گهرڀاتين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي پر آخري اطلاع تائين واقعي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿي هئي.