سيٺارجا ويجهو پاڻي جي مسئلي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا ويجهو ڳوٺ ڳوٺ سنگھار شر ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي مسئلي تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو عطا محمد شر مارجي ويو. مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ ٺري ميرواهه اسپتال پھچايو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول پوليس مان رٽائرڊ هو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو. هوڏانهن مقتول جي ڀاءُ ارباب شر الزام هڻندي چيو آهي ته شاهنواز، آصف، شاهه مراد ۽ ٻين ڀاءُ عطا محمد کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته  ايس ايڇ او بوزدار وڏا جو چوڻ آھي ته واقع جي جاچ ڪري رھيا آھيون واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ پوليس نفري ڳوٺ سنگهار شر ڏانهن رواني ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.