پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ بنون امن ڪاميٽي جا سڀ مطالبا منظور ڪيا ويا. ذريعن موجب اڄ سڄي بنون ۾ پرامن هڙتال هوندي، 2 وڳي پريٽي گيٽ چوڪ ۾ وڏو وزير علي امين گنڊاپور بنون ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس جا تفصيل عوام کي ٻڌائيندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اهڙا علائقا جتي پوليس ڪارروائي نه ڪري سگهندي اتي فوج کان مدد ورتي ويندي. وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ صوبائي ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ بنون واقعي تي ڪميشن ٺاهڻ جي طريقيڪار سميت بنون امن ڪاميٽي جي 16 مطالبن تي ڳالهيون ٿيون. اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور، آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري به شريڪ ٿيا جڏهن ته ڪي پي جي اطلاعات واري صلاحڪار بيريسٽر محمد علي سيف به اجلاس ۾ موجود هو. انتظاميا اهم شخصيتن جي آمد تي بنون ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ۽ ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر کي قلم 144 تحت ڪيس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته ڪو نئون آپريشن ناهي ٿي رهيو، غيرقانوني ڪمن، اگمگلنگ ۽ منشيات خاتمي لاءِ آپريشن عزم استحڪام ٿيندو.