ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي طرفان مهانگي بجلي توڙي بجيٽ ۾ ظالماڻي ٽيڪسن خلاف جمعي ڏهاڙي ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ رٿيل ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، بدين، شڪارپور، دادو، ڪشمور، ٺٽي ۽ ٽنڊومحمد خان سميت سموري سنڌ مان قافلا ٽرين، پبلڪ ٽرانسپورٽ توڙي ذاتي گاڏين ذريعي روانا ٿي چڪا آهن. جماعت اسلامي سنڌ جي پڌرائي موجب سنڌ جي نائب اميرحافظ نصرالله چنا ڪنڌڪوٽ ۾ قافلي کي روانگي جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته موجوده جعلي حڪمرانن بجلي، مهانگي توڙي ظالماڻا ٽيڪس مڙهي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، عوام ماني جي ٻن ويلن لاءِ پريشان آهي، پر هي همراهه روزانو عوام مٿان مهانگائي جا بم ڪيرائي رهيا آهن انڪري انهن جي ظلم خلاف آواز اُٿارڻ وقت جي ضرورت آهي، جماعت اسلامي جو اسلام آباد ۾ ڌرڻو عوام جي دلين جي آواز بڻجي چڪو آهي.