مٺي(رپورٽ:غازي بجير) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته کارسر ڪارونجهر جو حصو آهي، ڪارونجهر هڪ تهذيب آهي، اها اجاڙڻ نه ڏينداسين. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي صدر سيد زين شاھ ٻن ڏينهن جي دوري تي ٿر پهتو جتي هن امڪاني ڪٽجڻ واري ڪارونجهر جبل جي حصي کارسر جبل جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ مقامي ماڻهن کان مسئلا پڇيا،جنهن بعد سيد زين شاھ مٺي پهچي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سان ڳالھه ٻولهه ڪئي منعقد ڪيل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيو ته کارسر جبل ڪارونجهر جو حصو آهي ان کي عملي جدوجهد ذريعي بچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڪارونجهر فقط جبلن جو ڍير نه پر اتان جي انسانن جانورن پکين توڙي ٻين ساهه وارين شين جي جياپي جو سبب آهي ڪارونجهر جي جابلو ٽڪرين ۾ قديم مذهبن جون عبادت گاهون ۽ مسجدن سميت اتان جي ماڻهن جا وڏڙا دفن ٿيل آهن،اسان ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ گڏيل سياسي جدوجهد ڪرڻ لاءِ وڃون پيا ڪارونجهر بچائڻ لاءِ سگهاري آواز جي ضرورت آهي انهي لاءِ آئون ايندڙ اي پي سي ۾ شرڪت ڪري اتي پڻ ڪارونجهر جو مسئلو اجاگر ڪندس جنهن سان اسان جي جدوجهد مضبوط ٿيندي آئون ٿر جي اديبن صحافين توڙي قومپرست پارٽين جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن کي گذارش ڪيان ٿو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي جا نمائندا توهان وٽ اچن ته توهان انهن کي ٻڌايو ته توهان ڪارونجهر جو سودو ڪيو آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن ٿر جو عوام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي نمائندن کي رد ڪري ته انهن جون اکيون کلي وڃن ۽ پوءِهو سنڌ جا ٻيٽ توڙي وسيلن جي سوديبازي ڪرڻ وقت هزار دفعا سوچيندا. اسلام ڪوٽ پريس ڪلب ۾ عوامي آواز سان خصوصي ڳالھه ٻولهه ڪندي سيد زين شاھ چيو ته پوئين چئن ڏهاڪن کان وٺي مختلف ليز وٺڻ وارا ٺيڪيدار کارسر جبل کي ڪوري پٿر کڻندا رهيا آهن ۽ هاڻي وري ڏهن سالن کان ايف ڊبليو او وارا پٿر کڻندا رهيا آهن، ٽَڪريون ختم ڪرڻ سان هي سڄو ايڪو سسٽم تباھ ٿي ويندو،هتي لکن جي تعداد ۾ آبادي رهي ٿي، شهر ۽ عبادتگاهون ختم ٿي وينديون، جهنگلي جيوت محفوظ نه رهندي، هتي زراعت سميت انساني زندگين سميت جانورن توڙي جهنگلي جيوت جو جياپو پاڻي تي آهي،جڏهن هر جبل ۽ ٽَڪريون نه رهنديون ته باقي ڇا بچندو،جبل وڪرو ڪرڻ سان وڏا نقصان ٿيندا. ڪارونجهر کي ڪورڻ سان سڄي تهذيب ختم ٿي ويندي، هي سڄو سلسلو ڪارونجهر جبل آهي، ٽَڪريون اُن جو حصو آهن، سنڌحڪومت کي گهرجي ته هُو پنهنجو ڪردار ادا ڪندي سموريون ليزون ختم ڪري. وڏي وزير،صوبائي وزير معدنيات ۽ هتي جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي گهرجي ته توهان سمجهو ٿا هو سڄي بئماني ڪري ويندا ته اِها انهن جي ڀُل آهي سنڌ جو عوام هاڻي اِها بدمعاشي ڪرڻ نه ڏيندو. اُنهي ڪري اسان چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کي چونداسين ته هاڻي ايف ڊيليو او ۽ اُن جي پويان ادارا آهن،اِهو فائدو گهٽ ۽ ماڻهن ۾ نفرت جو بنياد نه وجهو،جبل پَٽي کڻي ويندا ته هي علائقو سڄو رِڻ ٿي ويندو،رِڻ ويجهو آهي سڄو علائقو تباھ ٿي ويندو،لکين ماڻهن جي جياپي جو مسئلو ٿيندو،اسان مقامي ماڻهن جي هر سڏ ۾ گڏ آهيون. آئون ڪارونجهر ۽ کارسر جو دورو ڪري آيو آهيان، ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون آهن، کارسر وڏو ڳوٺ آهي،اُتي هزارين ماڻهو جبل اندر ڳوٺ ٺاهي ويٺل آهن،جبل اندر عبادتگاهون موجود آهن،کارسر جبل رِڻ کي روڪي ويٺو آهي،کارسر جي جبل پويان ٻن ڪلوميٽرن تي رِڻ آهي، جبل رِڻ کي روڪيو ويٺو آهي، اسان ڪارونجهر جي سڀني ٽَڪرين کي ڪارونجهر سمجهون ٿا. ان موقعي تي هن سان گڏ روشن ٻرڙو،جڳديش آهوجا، امير آزاد پنهور،روشن مڱريو ءٍ ٻيا اڳواڻ وڻ موجود هئا،
مٺي:سيد زين شاھ جي تجويز تي ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف آگسٽ ۾ ننگرپارڪر ۾ تاريخي ڌرڻو لڳندو،امير آزاد پنهور ڪوآرڊينيٽر مقرر ويو آهي،کارسر ۾ ڳوٺاڻن سان گڏجاڻي دوران ايس يو پي سربراھ زين شاھ ڳوٺاڻن کي تجويز ڏني ته توهان احتجاج جو اعلان ڪيو اسان سموري قيادت سميت ڌرڻي ۾ شرڪت ڪنداسين،جنهن بعد ڳوٺاڻن تجويز قبول ڪندي وڏي احتجاج جي پڪ ڏني،مقامي ڳوٺاڻا،ڪارونجهر سجاڳ سٿ ۽ ايس يو پي جا اڳواڻ گڏجي آگسٽ جي مهيني ۾ ڌرڻي جي تاريخ جو باقائده اعلان ڪندا،جنهن جي لاءِ ايس يو پي جي اڳواڻ امير آزاد پنهور کي ڪميٽي جو ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو آهي .
ادب، صحافت سميت هر فن وڪامي رهيو آهي: زين شاهه
مٺي:جنهن وٽ جيڪو فن آ اُهو وڪجي ٿو،جنهن وٽ شاعري اچي وئي آ،جنهن وٽ ادب اچي ويو آ،جنهن وٽ صحافت اچي وئي آهي اُهو سڀ ڪو پاڻ کي وڪڻي ٿو،وڪيل پنهنجن مفادن لاءِ وڪالت وڪڻي ٿو،هن حڪومت کي اسين جعلي اليڪشن سسٽم سمجهون ٿا،ڊپٽي ڪمشنرن جي تحت هنن کي جعلي اڪثريت سان کٽرايو ويو آهي،اِهو سڄو سسٽم هڪڙي پروگرام تحت آندو ويو آهي، اُنهي پروگرام تحت صوبي جا معدني وسيلا،زمينون،پاڻي پرڏيهي ڪمپنين حوالي ڪيا پيا وڃن، سنڌ جي سودي جي عيوض هنن کي حڪومت ملي آهي، هنن تي جيڪي به ڪرپشن جا ڪيس آهن اُهي روڪيون ويٺا آهن جيستائين ختم نه ٿيندا تيستائين هي سنڌ وڪڻندا رهندا.
ايڊيٽر سياسي ڪارڪن هجڻ سبب عوامي آواز جو بنياد پختو آهي
مٺي:عوامي آواز جڏهن آئي هئي تڏهن کان اسان پڙهندا هئاسين،اُن وقت کان وٺي غريبن ۽ ڏُتڙيلن جو آواز بڻي آهي، سنڌ جو جڏهن اشوز آيو آهي ته اسان ڏٺو آهي عوامي آواز جون سرخيون ڀريون پيون هونديون آهن، جتي کوڙ اخبارون وڪرو ٿي وڃن اُنهن جا صفحا وڪرو ٿي وڃن اُتي عوامي آواز ڌرتي سان نڀايو آهي. عوامي آواز جا ايڊيٽر ۽ ٻيو بورڊ هڪ سياسي ڪارڪن رهيو آهي، اُن ڪري اُن جو بنياد ڏاڍو مضبوط آهي، هي اخبار هميشه مظلومن جو آواز رهي ٿي،اللّٰه پاڪ عوامي آواز کي ڪنهن جي بدنظر کان بچائي ڇو ته چڱيون چڱيون اخبارون ۽ چڱا چڱا صحافي وڪجي ويا،عوامي آواز پنهنجو رول ادا ڪندي رهي آهي.
ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ ٿرڪول ۾ نظرانداز ڪرڻ انساني حقن جي لتاڙ قرار
مٺي(ڊ ر) مٺي ۾ انساني حقن جي معاشي ۽ سماجي لتاڙ بابت ٿر سٽيزن فورم پاران هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ جي سهڪار سان بينظير ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سيڪريٽري هيومن رائيٽس ميڊم تحسيم فاطمه، ايس ايس پي ٿرپارڪر شبير احمد سيٺار، اسسٽنٽ ڪمشنر رٽائرڊ ڪيپٽن فريد حميد سميت ماهرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر امير ابڙو، اوڀايو جوڻيجو، وڪيل وسند ٿري، عبدالسبحان سميجو، اشوڪ سوٽهڙ، الهرکيو کوسو، اشوڪ مجروح، شنڪر سوٽهڙ، قربان سميجو، امتياز نور ڪنڀر، اعجاز بجير، جي ايم سونهاراڻي ۽ ٻين چيو ته ٿر انساني حقن جي لتاڙ جو گهر آهي جنهن ۾ ٿر جي ماڻهن جي پاڻي، ماحول، صحت، ڪوئلي، چائناڪلي،گرينائيٽ، لوڻ جي کاڻين سميت لائيو اسٽاڪ ۽ جهنگلي جيوت ۾ به حق تلفي ٿئي ٿي ۽ ان کان پوءِ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٻار ۽ خودڪشين جا واقعا به انساني حقن جي لتاڙ جي ڪري ٿين ٿا، هنن چيو ته ٿر ۾ سرن جي بٺا رجسٽرڊ ناهن ۽ ڪم ڪندڙ ليبر توڙي ٻين معدني وسيلن تي ڪم ڪندڙ ليبر کي سوشل سڪيورٽي ڪارڊ توڙي ڪي به حق نه ٿا ملن ۽ صحت جي سهولتن سميت اجورو گهٽ ملي ٿو، ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي به اسان انساني حقن جي لتاڙ سمجهون ٿا جيڪو جبل معاشي توڙي سماجي طور ماڻهن جو وسيلو هجي ان جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، هنن چيو ته ڪارونجھر جبل ورلڊ هيريٽيج آهي جنهن کي يونيسڪو کان ڊڪليئر ڪرايو وڃي ۽ اسان ان کي پنهنجي زندگي ۽ جياپو سمجهون ٿا ان کي ڪنهن به صورت ۾ ڪٽجڻ نه ڏينداسين، هنن چيو ته ٿر جي زمين ۾ گئوچر زمين جي آباد ڪرڻ چراگاهه سميت ٽوڀا، ترايون ۽ وٿاڻ ختم ڪري حق لتاڙيا وڃن ۽ ان ڪري اسان جي زمينن کي ڪنهن منصوبي جي ضرورت لاءِ خريد ڪرڻ بدران ليز تي ورتي وڃي جئين اسان کي پنهنجا زميني حق ملي سگهن، ٿر ۾ وڻن جي واڍي ۽ نوان وڻ نه لڳائڻ سان به ٿر ۾ کنوڻون ڪِرڻ جا واقعا پيش اچن ٿا، اسان ٿر جي هر واري جي ذري سميت انساني حقن جي ٿيندڙ لتاڙ کي منهن ڏيئي پاسداري ڪنداسين، ان موقعي تي سيمينار ۾ ڳالهائيندي سيڪريٽري هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ تحسيم فاطمه چيو ته ٿر ۾ وڌندڙ آپگهات جي واقعن ۽ وياج خوري هتان جو اهم اشو آهي، ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جا واقعا وڌي ويا آهن ان جو سبب ماحولياتي بگاڙ آهي، سيمينار کي ايس ايس پي ٿرپارڪر شبير احمد سيٺار خطاب ڪندي چيو ته آپگهات جا وڌندڙ واقعا ٿر جو اهم اشو آهي، هاڻ ته ٻارڙن جي آپگهات جا واقعا به سامهون اچي رهيا آهن، پوليس آپگهات جي واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٿر پرامن ضلعو آهي، هتان جا ماڻهو امن پسند، سلجهيل ۽ محنتي آهن، انهن ئي ضلعي کي پرامن بڻائي رکيو آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي رٽائرڊ ڪيپٽن فريد حميد خطاب ڪندي چيو ته اسان ٿر جي عوام سان انساني حقن بابت پيش ايندڙ مسئلن تي عوام جي نمائندگي ڪري انهن کي حق ڏيارينداسين، سيمينار ۾ عورتن، نوجوانن توڙي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڊي اي او پرائمري ٿرپارڪر جان محمد بجير پڻ خطاب ڪيو.