سپريم ڪورٽ ججن جو انگ وڌائڻ تي اتفاق، ڪيسن جا تفصيل طلب

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ تي اتفاق ڪندي بل کي ايندڙ سيشن تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ججن جو انگ وڌائڻ لاءِ ڪيسن سميت ٻيا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن جي تعداد جو ڪيترو هجي ان جو فيصلو ڪميٽي ڪندي.قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪيسن جا تفصيل سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس مان طلب ڪري ان تي بحث ڪيو ويندو.اجلاس ۾ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جو لوڊ وڌي ويو آهي پر جج ساڳيا 17 آهن.سينيٽر فوزيه ارشد چيو ته ايڊهاڪ ججن جي مقرري ججن جو انگ وڌائڻ جو ثبوت آهي.اعظم نذير تارڙ چيو ته ڇا سپريم ڪورٽ ۾ 24 ججن جي ضرورت آهي، پاڪستان بار ۽ سپريم ڪورٽ بار جو چوڻ آهي ته قابل وڪيلن کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو وڃي.حامد خان چيو ته تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ڪجهه وڪيلن کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان مزاحمت ڪئي.اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته جوڊيشل ڪميشن جي ضابطن موجب وڪيلن کي جج بڻجڻ جي ضرورت ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.