عمران ۽ راولپنڊي وچ ۾ ”ضمانتي“ جي انٽري

اسلام آباد(حماد حسن) پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ عمران خان، عارف علوي ۽ قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6 جو ڪيس هلائڻ جو معاملو وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ئي نه هو، پ پ آرٽيڪل 6 ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي بابت فيصلو نه ڪري سگهي، حالانڪه صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهبازشريف جي ملاقات ۾ اڳ ۾ اتفاق راءِ ٿي چڪو هو،ان صورتحال ۾  اڊيالا ۽ راولپنڊي وچ ۾ هڪ گارنٽير سامهون اچي ويو، جنهن بعد پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو ملتوي ڪيو ويو، ان گارنٽير جي اهم شخصيت سان ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ اهو چيو ويو ته پابندي ۽ آرٽيڪل 6 نه لڳائڻ جي صورت ۾ عمران خان ڪجهه شرطن تي راضي ٿي ويندو،ذريعن موجب عمران خان سان اڻ سڌيون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن،ڊيل نه ٿي سگهي ته پوءِ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي ويندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 25 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.